قيام پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو (پس منظر)

قيام پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو (پس منظر):
پاڪستان جي قيام جي جدوجهد ۾ سنڌ جيڪو بنيادي، اهم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي، ان جي اهميت ۽ افاديت کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي. اها حقيقت آهي ته پاڪستان جي اصلي خالق سنڌ ئي آهي. سنڌ جي مسلمان ليڊرن جي ڪوشش سان اپريل ۽ مئي 1938ع ۾ سنڌ جي صوبائي مسلم ليگ جو قيام عمل ۾ آيو. هن شاخ جو صدر شيخ عبدالمجيد سنڌي هو، جيڪو بمبئي وڃي قائداعظم سان ملي، اجازت وٺي آيو. شاخ قائم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جلسا ٿيڻ لڳا. شيخ صاحب جو همڪار ۽ مددگار جي ايم سيد هو، 10، 11 ۽ 12 آڪٽوبر 1938ع تي سنڌ مسلم ليگ پاران ڪراچيءَ ۾ هڪ وڏي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت قائداعظم ڪئي. ان ڪانفرنس کي پوءِ ’ڪراچي ڪانفرنس‘ ڪوٺيو ويو. ڪانفرنس ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو، جنهن ۾ واضح طور مطالبو ڪيو ويو ته جن صوبن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي، اتي مسلمانن جي حڪومت ٺاهي وڃي، ته جيئن ٻئي قومون جدا جدا آزاد حڪومتون قائم ڪري سگھن.
ان ڪانفرنس ۾ قائداعظم يادگار تقرير ۾ چيو ته: ”مون کي يقين آهي ته سنڌ صوبو هندوستان جي مسلمانن لاءِ هڪ نمونو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هتي جي مسلمانن وڏي بيداريءَ جو ثبوت ڏنو آهي. سنڌ کي جدا صوبي بنائڻ لاءِ مسلم ليگ جيڪي ڪوششون ورتيون، انهن کان اوهان باخبر آهيو. جيڪڏهن اوهان پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃو ته اوهان جي صوبي جي مسلم ليگ کي حڪومت جي واڳن سنڀالڻ کان ڪابه طاقت روڪي نه ٿي سگھي. هيءَ ڪانفرنس تمام گھڻي ڪامياب وئي ۽ هن ئي ڪانفرنس ۾ هندستان جي ورهاڱي جو بنياد رکيو ويو. ان کانپوءِ پاڪستان حاصل ڪرڻ واري فضا تيار ٿيڻ لڳي ۽ جدوجهد شروع ٿي وئي. 27 نومبر 1938ع تي سنڌ مسلم ليگ جي عهديدارن جي باقاعدي چونڊ ٿي ۽ سر حاجي عبدالله هارون صدر ٿيو ۽ جدوجهد مختلف مرحلا طئي ڪندي نيٺ ڪامياب ٿي. انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ، 1940ع ۾ لاهور واري اجلاس ۾ هڪ مطالبو هڪ قراردار ذريعي منظور ڪرايو. ان کانپوءِ 1946ع ۾ ليگ ڪنوينشن دهليءَ هن قرارداد جي وضاحت لاءِ هڪ تجويز منظور ڪئي. اهي ٻئي قراردادون ’مينار پاڪستان‘ لاهور تي اڪريل آهن، جن جو پس منظر هن ريت آهي:
4 فيبروري 1940ع تي دهلي ۾ ٿيل مسلم ليگ جي مجلس عامله ۽ ڪائونسل جي گڏيل اجلاس ۾ مسلمانن جي ڌار وطن لاءِ سنجيدگيءَ سان غور ڪيو ويو. فيصلو ٿيو ته، ان جي باقاعدي تجويز ايندڙ مهيني مارچ ۾، لاهور ۾ ٿيندڙ سالياني اجلاس ۾ پيش ٿيندي.
6 فبروري 1940ع تي قائداعظم وائسراءِ هند، لارڊ لينٿگو سان ملاقات ڪئي ۽ سندس اڳيان واضح ڪيو ته، مسلم ليگ پنهنجي لاهور واري عام جلسي ۾، هندستان جي ورهاست جو مطالبو ڪرڻ واري آهي.
23 مارچ 1940ع ۾ قائداعظم جي صدارت ۾ ٿيل ستيتاليهين اجلاس ۾ ’قرارداد لاهورپيش ڪئي وئي، جيڪا بنگال جي وڏي وزير مولوي ابوالقاسم فضل الحق پيش ڪئي. 24 مارچ 1940ع تي ’قرارداد لاهور‘ جي عام جلسي ۾ منظوري ڏني وئي. سائين جي ايم سيد، محمد ايوب کهڙو، عبدالمجيد شيخ، خان اورنگزيب خان، سر عبدالله هارون،
نواب اسماعيل خان، قاضي محمد عسيٰ، بيگم مولانا محمد علي جوهر، آءِ آءِ چندريگر، مولانا عبدالحامد بدايوني ۽ ٻين ان جي تائيد ڪئي. اها ئي قرارداد بعد ۾ ’قرارداد دهلي‘ سان شامل ٿي ’قرارداد پاڪستان‘ جي نالي سان مشهور ٿي.
طئي ڪيو ويو ته انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس جي هيءَ گڏيل راءِ آهي ته ڪو به آئيني منصوبو ايستائين هن ملڪ ۾ عمل لائق ۽ مسلمانن لاءِ قبوليت جوڳو هوندو، جيستائين هنن بنيادي اصولن تي نه جوڙيو وڃي: ”جاگرافيائي طور تي لاڳاپيل وحدتن جي حد بندي اهڙن خِطن ۾ ڪئي وڃي (مناسب علائقائي ڦير ڦار سان گڏ) ته جن علائقن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي، مثلاً: هندستان جي اترئين، اولاهين ۽ ڏاکڻين حصي جي جوڙجڪ اهڙين ’آزاد رياستن‘ جي صورت ۾ ڪئي وڃي، جنهن ۾ شامل وحدتون خودمختيار ۽ حاڪميت جو حق رکندڙ هجن. انهن وحدتن ۽ خطن ۾ اقليتن جي مذهبي، ثقافتي، معاشي، سياسي، انتظامي ۽ ٻين حقن ۽ مفادن جو مناسب ۽ موثر تحفظ ۽ انهن جي مشوري سان آئين ۾ وضاحت سان ڪيو وڃي ۽ هندستان جي ٻين حصن ۾ جتي مسلمان اقليت ۾ آهن، انهن جي ۽ ٻين اقليتن جي مذهبي، معاشي، سياسي، انتظامي ۽ ٻين حقن ۽ مفادن جو مناسب، موثر ۽ حڪمي تحفظ انهن جي مشوري سان ۽ آئين ۾ وضاحت سان ڪيو وڃي. وڌيڪ اهو ته هي اجلاس مجلس عامله کي اهو اختيار ڏئي ٿو ته هو انهن بنيادي اصولن مطابق آئين جو هڪ اهڙو منصوبو مرتب ڪن، جنهن جي روشنيءَ ۾ ذڪر ڪيل علائقن کي ڪل اختيار حاصل ٿي وڃن. مثلاً: دفاع، پرڏيهي معاملا، ڳانڍاپي جا وسيلا، ڍل ۽ اهڙا ٻيا معاملا جيڪي ضروري سمجھيا وڃن.“
قرارداد لاهور جي محرڪن ۽ تائيد ڪندڙن جي تقريرن ۾ ’پاڪستان‘ جو لفظ استعمال نه ڪيو ويو هو. ها باقي امجدي بيگم (مولانا محمد علي جوهر جي گهري واريءَ) پنهنجي تقرير ۾ ان کي ’قراردادِ پاڪستان‘ چيو، اهـو به ان ڪـري جـو چـوڌري رحمت عليءَ جـي ڪـوشـش سـان لـفـظ ’پاڪستان‘ مشهور ٿي چڪو هو. پر ڪانگريس جي حامي پريس هن لفظ کي طنزيه طور تي ايترو ته اڀاريو، جو هي لفظ ازخود هر ماڻهوءَ جي زبان تي اچي ويو.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ ’قرارداد پاڪستان‘ جي منظوري:
3 مارچ 1943ع تي سنڌ جي قانون ساز اسيمبليءَ پاڪستان جو ٺهراءُ منظور ڪيو. جيڪو محترم جي. ايم. سيد پيش ڪيو هو. ان اجلاس ۾ جيڪي ميمبر شريڪ ٿيا هئا، انهن ۾:شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي، اکجي رتنسنگهه سوڍو، علي گوهر خان مهر، الله بخش خداداد خان گبول، الله داد خان، امام بخش خان ٽالپر، امير علي ٺارو خان لاهوري، ارباب توڳاچي، مير محمد ٽالپر، خان ٽالپر'>بنده علي خان ٽالپر، ڏيئل مل دولترام، غلام علي خان ٽالپر، غلام الله خان مير، غلام حسين هدايت الله، غلام محمد اسراڻ، غلام مرتضيٰ شاهه (جي ايم سيد)، غلام نبي شاهه، گوبند رام پريتم داس، گوڪلداس ميولداس، هيمنداس روپچند واڌواڻي، هوسيڪ ليفٽيننٽ ڪرنل ڊبليو. بي، هوتچند هيرانند، پير الاهي بخش، جان محمد جوڻيجو، جينو ٻائي جي. الانا، قيصر خان، غلام محمد خان، لولومل ريواچند، ماهن ڪرنل ايڇ جي، سيد محمد علي شاهه، محمد ايوب کهڙو، محمد هاشم گزدر، نواب غيبي خان چانڊيو، محمد عثمان سومرو، محمد يوسف خان چانڊيو، نهچلداس ڇتومل وزيراڻي، سيد نور محمد شاهه، پرتاب راءِ، خير سکداس، رسول بخش خان انڙ، شمس بارڪزئي ۽ سهراب خان سرڪي شامل هئا. ڪارروائي جي شروع ۾ اسيمبليءَ جي ميمبرن واسطيدار وزيرن کان صوبائي مسئلن بابت سوال پڇيا، جن جا هنن جواب ڏنا. جي. ايم سيد اسپيڪر جي اجازت سان پاڪستان جو ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته: ”هي ايوان سرڪار کي سفارش ڪري ٿو ته هز ايڪسيلينسي وائسراءِ جي معرفت، هز مئجسٽيءَ جي سرڪار تائين هن صوبي جي مسلمانن جون خواهشون پهچايون وڃن ته جيئن ته هندستان جا مسلمان هڪ جدا قوم آهن، جن جو مذهب، فلسفو، سماجي رسمون، ادب، روايتون، سياسي ۽ اقتصادي نظريا به مختلف آهن، جيڪي هندن کان بلڪل علحده آهن، تنهنڪري کين حق پهچي ٿو ته هڪ قوم ٿي رهن؛ جن جون پنهنجون آزاد قومي رياستون هجن، جيڪي هندستان جي ننڍي کنڊ جي انهن علائقن مان ٺاهيون وڃن، جتي اهي (مسلمان) اڪثريت ۾ آهن، تنهنڪري اهي پرزور اعلان ٿا ڪن ته کين اهڙو ڪوبه آئين قبول نه هوندو، جيڪو مسلمانن کي هڪ اهڙي مرڪزي حڪومت هيٺ رکي، جنهن تي ٻيا قابض هجن ۽ جيئن ته ايندڙ وقت ۾ کين پنهنجن اصولن مطابق آزاديءَ سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو؛ تنهنڪري هنن لاءِ ضروري آهي ته سندن پنهنجون ’آزاد قومي رياستون‘ هجن ۽ اهڙيءَ ريت جيڪڏهن هندستان جي مسلمانن کي هڪ مرڪزي حڪومت جي رعيت ڪري رکيو ويو ته ان جي ڪري خوفناڪ ۽ ڏکين نتيجن واري گھرو جنگ يقيني آهي.“ ان ٺهراءَ جي 24 ميمبرن حمايت ڪئي، جڏهن ته صرف ٽن مخالفت، جن ميمبرن مخالفت ڪئي، انهن ۾ راءِ گوڪلداس ميولداس، ڊاڪٽر هيمنداس آر. واڌواڻي ۽ مسٽر لولو مل آر. موٽواڻي شامل هئا. آخرڪار طويل جدوجهد کان پوءِ 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جو وجود عمل ۾ آيو. (وڌيڪ ڏسو: ’پاڪستان‘، جلد ٽيون ۽ ’تحريڪ پاڪستان‘، جلد ٻيو، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا)
پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ جي مختصر سياسي تاريخ:
14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان، برصغير جي ورهاڱي کانپوءِ وجود ۾ آيو ۽ سنڌ، پاڪستان جو هڪ صوبو بڻجي وئي. هندستان مان لڏي آيل مسلمانن جو وڏو انگ سنڌ جي شهرن ۾ آباد ٿيو ۽ هتان هندن جو وچولو طبقو لڳ ڀڳ 10 لک جي تعداد ۾ لڏي هندستان هليو ويو. ڪراچي، نواب شاهه ۽ جيڪب آباد ۾ بيورو ڪريسيءَ پاران هٿرادو ڪرايل فسادن ۽ حملن جي ڪري اها لڏپلاڻ عمل ۾ آئي، نه ته سنڌ جا هندو ۽ مسلمان هڪ وڏي عرصي کان هڪٻئي سان ميٺ محبت سان رهندا آيا ۽ ورهاڱي بعد به ٻين صوبن جي مقابلي ۾ سنڌ ۾ خونريز ڪارروايون ڪونه ٿيون.
ورهاڱي بعد پاڪستان توڙي سنڌ صوبي ۾ برطانوي حڪومت وارو قانون رائج رهيو، جنهن هيٺ وفاق ۾ گورنر جنرل، وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا ۽ صوبن ۾ گورنر، وزيراعلى ۽ صوبائي ڪابينا جا نمائندا حڪومتي ڪاروهنوار هلائيندا پئي رهيا آهن. اڳتي هلي وفاق ۾ گورنر جنرل جي عهدي کي ’صدر‘ ۾ تبديل ڪيو ويو.
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ، 15 آگسٽ 1947ع تي وفاق ۾ قائداعظم محمد علي جناح کي ملڪ جو گورنر جنرل ۽ نواب لياقت علي خان کي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو.
ساڳئي وقت سنڌ صوبي ۾ به صوبائي حڪومت جو قيام عمل ۾ آيو ۽ سر غلام حسين کي 16 آگسٽ 1947ع تي سنڌ جو گورنر بڻايو ويو، جنهن بعد خانبهادر محمد ايوب کهڙو وڏو وزير ٿيو. هن وڏي وزير جي حيثيت ۾ داخلا، خزاني، پي. ڊبليو. ڊي، سياسي ۽ انتظامي امور جا کاتا پاڻ وٽ رکيا. تعليم، صحت ۽ مڪاني حڪومت پير الاهي بخش، زراعت، خوراڪ ۽ صنعت مير غلام علي خان ٽالپر، روينيو ۽ قانون قاضي فضل الله کي سونپيا ويا. سنڌ جي مسلم ليگي ليڊرن مان سر غلام حسين هدايت الله، خانبهادر کهڙي ۽ يوسف هارون، پاڪستان جي مرڪزي حڪومت جي گاديءَ جي هنڌ لاءِ ڪراچيءَ کي تجويز ڪيو، جڏهن ته ٻين ڪيترن ئي اسيمبلي ميمبرن نه صرف اجلاس ۾ ان جي مخالفت ڪئي، پر سڄيءَ سنڌ مان اهڙا ٺهراءَ پاس ٿيا. سنڌ ڪاليج جي شاگردن مظاهرا به ڪيا. ڪجهه وقت کانپوءِ خود خانبهادر کهڙي کي به احساس ٿيو ته ائين ڪرڻ درست ڪونهي. ان ڪري بعد ۾ هن اها مرڪز حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو. بقول سائين جي ايم سيد جي ته ان وقت گورنر سر غلام حسين، مير غلام علي خان ۽ پير الاهي بخش، خانبهادر کهڙي جي وڏ وزارت تان معزوليءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. جن بعد ۾ ڪراچيءَ کي مرڪز جي حوالي ڪيو، جنهن کانپوءِ سنڌ اسيمبليءَ جا اجلاس اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ ۽ حيدرآباد ۾ ٿيندا هئا. ڪراچيءَ جي مرڪز کي ڏيڻ سان هڪ طرف سنڌ کي نقصان پهتو ته ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ کي به وڏو نقصان پهتو. سنڌ ۾ هندستان کان آيل مهاجرن جو وڏو انگ آباد ٿي چڪو هو. ان وقت [1951ع ۾] سنڌ يونيورسٽيءَ کي حيدرآباد شفٽ ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي يونيورسٽي قائم ڪئي وئي، جنهن سنڌي ٻوليءَ کي [امتحاني زبان طور] خارج ڪيو. سنڌي ميڊيم اسڪول بند ٿيا. قائداعظم اردوءَ کي اڳ ئي قومي ٻوليءَ بنائڻ جو اعلان ڪري چڪو هو. آخرڪار کهڙي جي ڪابينا کي 28 اپريل 1948ع تي گورنر جنرل محمد علي جناح جي حڪم تي ختم ڪيو ويو، پير الاهي بخش ۽ مير غلام علي بدستور وزير رهيا.
3 مئي 1948ع تي پير الاهي بخش وڏو وزير ٿيو، سياسي ۽ انتظامي معاملن واري وزارت سميت گهرو کاتو، قانون ۽ تعليم وارا کاتا پاڻ وٽ رکيائين. سندس ڪابينا ۾ مير غلام علي (روينيو ۽ پي.ڊبليو.ڊي)، سيد ميران محمد شاهه (خزانه، صحت، مڪاني حڪومت ۽ مهاجرن جي آبادڪاري) ۽ محمد علي شيخ (خوراڪ، سول سپلائيز، زراعت، صنعت ۽ محنت) شامل هئا. پير الاهي بخش سنڌ ۾ اردو تعليم لازمي ڪئي ۽ ڪراچي مرڪز حوالي ڪئي. 1946ع جي چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين جي سلسلي ۾ جي. ايم. سيد پاران پيش ڪيل اليڪشن پٽيشن جي نتيجي ۾ پير الاهي بخش ۽ قاضي محمد اڪبر تي چونڊن ۾ بدعنوانيون ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيو هو. پير الاهي بخش کي اليڪشن ٽربيونل طرفان، ڪنهن نمائنده عهدي تي رهڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو، ان ڪري پير الاهي بخش 4 فيبروري 1949ع تي استعيفا ڏني ۽ سندس ڪابينا جو هڪ وزير شيخ محمد اعظم وفات ڪري چڪو هو، جنهنڪري سموري ڪابينا 18 فيبروري 1949ع تي استعيفا ڏئي ڇڏي.
ان کانپوءِ مرڪز جي اشاري تي يوسف هارون حڪومت ٺاهي وڏو وزير ٿيو، هن خزاني، سياسي ۽ انتظامي معاملن وارا کاتا پاڻ وٽ رکيا. سندس ڪابينا ۾ قاضي فضل الله (داخلا، قانون، تعليم، مڪاني حڪومت ۽ صحت)، سيد ميران محمد شاهه (روينيو ۽ مهاجر آبادي)، مير خان ٽالپر'>بنده علي خان ٽالپر (پي. ڊبليو. ڊي) ۽ سيد نور محمد شاهه (خوراڪ، سول سپلائيز ۽ صنعت) شامل هئا. سندس اها ڪابينا گهڻو وقت هلي نه سگهي ۽ ٻيهر نئين ڪابينا چونڊي وئي، جنهن ۾ يوسف هارون وڏي وزير جي حيثيت ۾ سياسي ۽ انتظامي معاملا، داخلا ۽ قانون وارين وزارتن جا قلمدان پاڻ سنڀاليا، ٻين ميمبرن مان مير غلام علي خان ٽالپر (روينيو)، ميران محمد شاهه (پي. ڊبليو. ڊي ۽ مهاجر آبادڪاري)، خانبهادر حاجي مولابخش (تعليم، خوراڪ ۽ صنعت) ۽ رحيم بخش سومري (صحت، زراعت ۽ مڪاني حڪومت) کي کاتا ڏئي ڪابينا ۾ شامل ڪيو. حاجي مولابخش ۽ رحيم بخش سومري 20 جنوري 1950ع تي استعيفا ڏني، سندن جاءِ تي قاضي فضل الله ۽ آغا غلام نبي پٺاڻ کي وزير مقرر ڪيو ويو، پر هيءَ ڪابينا به گهڻو وقت هلي نه سگهي ۽ 8 مئي 1950ع تي مستعفي ٿي.
تاريخ 8 مئي 1950ع تي قاضي فضل الله حڪومت ٺاهي، وڏي وزير جي حيثيت ۾ قانون، گهرو کاتي، سياسي ۽ انتظامي معاملن وارن کاتن جا قلمدان پاڻ سنڀاليا. سندس ڪابينا ۾ غلام علي ٽالپر (روينيو، مڪاني حڪومت ۽ امداد باهمي)، سيد ميران محمد شاهه
(پي. ڊبليو. ڊي ۽ مهاجر آبادڪاري) ۽ غلام نبي پٺاڻ (تعليم، صحت، خوراڪ ۽ زراعت) شامل رهيا. قاضي فضل الله جي ڪابينا 24 مارچ 1951ع تي استعيفا ڏني.
قاضي فضل الله جي استعيفا سان محمد ايوب کهڙي هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت ٺاهي ۽ انتظامي امور، خزاني، لوئر سنڌ بئراج ۽ اطلاعات کاتا پاڻ وٽ رکيا. سندس ڪابينا ۾ قاضي فضل الله (داخلا، قانون
۽ صنعت)، مير غلام علي ٽالپر (روينيو، مڪاني حڪومت ۽ امداد باهمي)، سيد ميران محمد شاهه (پي. ڊبليو. ڊي ۽ مهاجر آبادڪاري) ۽ آغا غلام نبي پٺاڻ (تعليم، صحت، خوراڪ ۽ زراعت) جا وزير بڻيا.
30 ڊسمبر 1951ع تي گورنر، سنڌ اسيمبليءَ کي معطل ڪيو ۽ 1952ع جي دوران صوبائي انتظام گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ جي سيڪشن 92- الف تحت سڌيءَ طرح گورنر جي سپرد رهيو.
ان کانپوءِ سنڌ ۾ عام چونڊون ڪرايون ويون، جنهن ۾ عبدالستار پيرزادو ليڊر آف دي هائوس ۽ وڏو وزير چونڊيو ويو، جنهن داخلا، قانون، لوئر سنڌ ملازمتون، سياسي ۽ انتظامي امور جا کاتا پاڻ وٽ رکيا. سندس وزارت ۾ شامل وزيرن ۾ قاضي محمد اڪبر (ماليات، تعليم ۽ امداد باهمي)، خان صاحب غلام رسول ڪيهر (زراعت ۽ خوراڪ)، پير علي محمد شاهه راشدي (روينيو ۽ صحت)،
مير علي نواز خان ٽالپر (مڪاني حڪومت، آبڪاري ۽ ٻيلا
قاضي عبدالمنان (پي. ڊبليو. ڊي)، حامد حسين فاروقي (صنعت ۽ محنت) ۽ رحيم بخش سومرو (مهاجر آبادڪاري ۽ ترقيات) هئا.
بعد ۾ پير علي محمد راشدي ۽ قاضي محمد اڪبر جي غير مطمئن ڪندڙ ڪارڪردگيءَ سبب کانئن قلمدان واپس ورتا ويا، ان ڪري ڪابينا جي پڻ ٻيهر تشڪيل ڪئي وئي، ان سان گڏ وزيرن جو اضافو
به ڪيو ويو ۽ صلاحڪار مقرر ڪيا ويا. پيرزادي عبدالستار وڏي وزير جي حيثيت ۾ داخلا، قانون، ملازمتون، سياسي ۽ انتظامي امور ۽
لوئر سنڌ کاتا پاڻ وٽ رکيا. ٻين وزيرن ۾ مير علي نواز ٽالپر (روينيو)، رحيم بخش سومرو (صنعت ۽ محنت)، مير خان ٽالپر'>بنده علي خان ٽالپر (خزانه)، حامد حسين فاروقي (زراعتسيد نور محمد شاهه (خوراڪ ۽ سول سپلائيز)، مير امام بخش ٽالپر (مهاجر آبادڪاري ۽ ترقيات)،
قاضي عبدالمنان (پي. ڊبليو. ڊي)، سيد غلام حيدر شاهه (تعليم)، احمد خان راڄپر (ٻيلاحاجي نجم الدين سريوال (آبادڪاري) ۽
محمد يوسف چانڊيو (مڪاني حڪومت ۽ امداد باهمي) شامل هئا. انهن کانسواءِ حافظ مبارڪ علي شاهه، سعيد الدين صالح ۽ سيد مهر علي شاهه صلاحڪار بڻيا.
ان ئي سال گورنر جنرل، اوڀر پاڪستان جي صوبن ۽ رياستن کي ملائي هڪ انتظامي يونٽ ٺاهڻ لاءِ چرپر ڪئي. تڏهن ان جي مخالفت ۾ سنڌ ۾ ’سنڌ يوٿ فرنٽ‘ قائم ٿيو. ان دوران ئي ذوالفقار علي ڀُٽي، پاڪستان جي آئيني مسئلن بابت هڪ ڪتابچو لکيو، جنهن ۾ ون يونٽ کي متحده پاڪستان لاءِ خطرو قرار ڏنائين. ننڍن صوبن جي عوام ۽ سياسي اڳواڻن خاص ڪري جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد ۽ سنڌ جي ادبي حلقي، ون يونٽ جي مخالفت ڪئي. سنڌ ۾ پيرزاده حڪومت ون يونٽ جي کليل مخالفت ڪئي، ان ڪري پيرزادي جي حڪومت کي مرڪز جي اشاري تي ختم ڪيو ويو.
محمد ايوب کهڙي، ون يونٽ جي حمايت ڪندي، 9 نومبر 1954ع تي سنڌ حڪومت ٺاهي. هن وڏي وزير جي حيثيت ۾ ملازمتون، سياسي ۽ انتظامي امور، داخلا، خزاني، قانون ۽ لوئر سنڌ جا کاتا پاڻ وٽ رکيا. پير علي محمد راشدي (روينيو، پبلڪ هيلٿ ۽ اطلاعات)، حاجي مولابخش سومرو (صنعت، محنت، آبڪاري ۽ مقامي حڪومت) ۽ سيد نور محمد شاهه (زراعت ۽ خوراڪ) سندس ڪابينا ۾ شامل ڪيا ويا. هن جي وڏوزارت دوران سنڌ اسيمبليءَ جا ٻه اجلاس حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر هال ۾ ٿيا. 1954ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر غلام علي خان ٽالپر ٿيو، خانبهادر محمد ايوب کهڙي 11 ڊسمبر 1954ع تي درٻار هال حيدرآباد ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس گهرائي ون يونٽ جو ٺهراءُ پاس ڪيو. ان اجلاس جي شروع ٿيڻ کان اڳ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر
مير غلام علي ٽالپر کي گرفتار ڪري مٺيءَ ۾ نظربند ڪيو ويو، جيئن اجلاس ۾ ون يونٽ واري ٺهراءُ جي مخالفت کان کيس روڪجي. پوءِ ان اجلاس جي صدارت پير قربان علي شاهه ڪئي. قاضي محمد اڪبر کي ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ ڪري وزير بڻايو ويو. 11 ڊسمبر واري اجلاس ۾ اسيمبليءَ جي 108 ميمبرن مان 102 ميمبرن شرڪت ڪئي، جن مان 98 ميمبرن ون يونٽ جي حق ۾ ۽ چئن ميمبرن مخالفت ۾ ووٽ ڪيو. ون يونٽ جي مخالفت ۾ ووٽ ڪندڙن ۾: عبدالحميد خان جتوئي، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، پير الاهي بخش ۽ خورشيد احمد شيخ شامل هئا.
ان کانپوءِ 14 آڪٽوبر 1954ع ۾ ونيونٽ لاڳو ڪري، 1955ع ۾ ون يونٽ تحت مغربي پاڪستان صوبو بنايو ويو. سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد جي صوبائي حيثيت ختم ڪئي وئي. (وڌيڪ ڏسو: ون يونٽ ۽ ان خلاف تحريڪ)، جنهن لاءِ سنڌ صوبائي اسيمبليءَ مان چونڊون ڪرايون ويون، ون يونٽ جا ڪيترائي مخالف اڳواڻ هٿ وٺي هارايا ويا. 1956ع ۾ پير علي محمد شاهه راشدي مرڪز ۾ وزير ٿيو ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙو مغربي پاڪستان ۾ روينيو وزير بڻيو. جلد ڊاڪٽر خان صاحب وزارت ٺاهي، جنهن ۾ پيرزادو عبدالستار قانون ۽ خزاني جو وزير بڻيو ۽ قاضي فضل الله، ورڪس، بجلي ۽ پي. ڊبليو. ڊي جو وزير ٿيو. ون يونٽ د‍ؤر ۾ ٻيا ڪيترائي مختلف وقتن تي وزير ٿيا، جن ۾: ممتاز حسين قزلباش، آغا غلام نبي پٺاڻ،خان ٽالپر'> مير علي احمد خان ٽالپر،حاجي نجم الدين سريوال، مير علي نواز ٽالپر ۽ راڻو چندر سنگهه شامل هئا. ان کانپوءِ 24 آڪٽوبر 1958ع تي مارشل لا لاڳو ٿيو. جنرل ايوب خان طرفان مغربي پاڪستان صوبائي حڪومت ۾ بنيادي جمهوريت جي نظام هيٺ 1962ع کان 1969ع تائين عبدالقادر سنجراڻي، در محمد اوستو،
محمد خان جوڻيجو، غلام نبي ميمڻ، آخوند الله بچايو ۽ قاضي فضل الله ۽ ٻيا وزير رهيا. 11 سالن کانپوءِ 25 مارچ 1969ع تي جنرل ايوب خان جي جاءِ تي جنرل يحييٰ خان مارشل لا لڳائي ملڪ جو صدر بڻيو، جنهن 1 جولاءِ 1970ع تي ون يونٽ ختم ڪري اڳوڻا صوبا بحال ڪيا ۽ ڪراچيءَ کي سنڌ جي صوبائي گاديءَ جو درجو مليو.
ملڪ ۾ پهريون ڀيرو بالغ راءِ جي اصول تي 7 ڊسمبر 1970ع ۽ 17 ڊسمبر 1970ع تي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ٿيون، مشرقي پاڪستان ۾ عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان اڪثريت سان ڪامياب ٿيو، پر کيس حڪومت ٺاهڻ نه ڏني وئي. بنگال ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ، بنگالي قومي ٻولي تحريڪ ۽ 1971ع واري جنگ ۾ هندستان جي مدد ملڻ جي نتيجي ۾ بنگلاديش آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ وجود ۾ آيو. بنگال جي ڌار ٿيڻ کانپوءِ باقي رهيل پاڪستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمئن ذوالفقار علي ڀُٽي، 20 ڊسمبر 1971ع تي ملڪ جي صدر ۽ سوِل مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جو عهدو سنڀاليو. 24 ڊسمبر 1971ع تي ممتاز علي ڀٽو سنڌ جو گورنر ۽ مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ٿيو. سنڌ جي گورنر ممتاز علي ڀُٽي 3 ڊسمبر 1972ع تي 8 صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو. مکيه صلاحڪارن ۾ مير رسول بخش خان ٽالپر، محمد خان سومرو، عبدالوحيد ڪٽپر، ايم. پي. اي قاسم حاجي عباس پٽيل، ايم. اين. اي سيد قائم علي شاهه، ايم. اين. اي عبدالستار گبول ۽ ايم. اين. اي مخدوم محمد امين فهيم ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن مان مير اعجاز علي ٽالپر کي مقرر ڪيو ويو. صدر پاڪستان ذوالفقار علي ڀُٽي 14 اپريل 1972ع تي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سڏرايو، جنهن ۾ صدارتي تقرير ڪندي واعدو ڪيو ته جيڪڏهن 17 اپريل 1972ع تائين عبوري آئين پاس ڪيو ويو ته 21 اپريل 1972ع تي مارشل لا ختم ڪيو ويندو. پوءِ 17 اپريل 1972ع تي قومي اسيمبليءَ صدر تي اعتماد ڪيو ۽ عبوري آئين پاس ڪيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي 21 اپريل 1972ع تي راولپنڊيءَ جي عام جلسي ۾ نئين آئين تحت حلف کنيو ۽ مارشل لا ختم ڪئي وئي. عبوري آئين تحت 2 مئي 1972ع تي صوبائي اسيمبلين جا اجلاس گهرايا ويا، جيئن چونڊيل نمائندن تي مشتمل وزارتون ٺاهيون وڃن. 29 اپريل 1972ع تي ممتاز ڀُٽي کي سنڌ جي گورنريءَ تان هٽائي مير رسول بخش ٽالپر کي مقرر ڪيو ويو. ون يونٽ ۽ مارشل لا جي خاتمي کانپوءِ سنڌ اسيمبليءَ جو پهريون اجلاس 2 مئي 1972ع تي سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ڪراچيءَ ۾ ٿيو. ان اجلاس ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي 62 ميمبرن مان 61 ميمبرن شرڪت ڪئي، هڪ ميمبر سيد نور محمد شاهه جي وفات سبب هڪ سيٽ خالي ٿي چڪي هئي. ميمبرن کي گورنر سنڌ مير رسول بخش ٽالپر قسم کڻايو، جن مان 47 ميمبرن سنڌيءَ ۾ ۽ 13 ميمبرن اردوءَ ۾ قسم کنيو. مير رسول بخش ٽالپر ان وقت گورنر هجڻ ڪري قسم نه کنيو. پيپلز پارٽي اتحادي ميمبرن سان گڏجي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهي، ممتاز علي ڀٽو سنڌ جو وزيراعليٰ چونڊيو ويو. گورنر، اسپيڪر جي چونڊ ٿيڻ تائين سيد عبدالله شاهه ايم. پي. اي کي چيئرمئن مقرر ڪيو، جنهن اسپيڪر جي چونڊ ڪرائي ۽ اڪثريت راءِ سان خان صاحب غلام رسول ڪيهر کي اسپيڪر چونڊيو ويو. ان کانپوءِ ٻئي ڏينهن واري اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان سيد عبدالله شاهه کي سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو.
22 ڊسمبر 1973ع تي غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي سنڌ جو وزير اعليٰ مقرر ڪيو ويو، جنهن جو واسطو پيپلز پارٽيءَ سان هو، جڏهن ته اسيمبليءَ جو اسپيڪر غلام رسول خان ڪيهر ئي رهيو.
1977ع وارين چونڊن ٿيڻ کانپوءِ 31 مارچ 1977ع تي سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر آغا صدر الدين دراني ٿيو، پر جلد ئي جنرل ضياالحق جي مارشل لا بعد اها اسيمبلي ٽوڙي وئي.
5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءَ چونڊيل حڪومت تي راتاهو هڻي ذوالفقار علي ڀُٽي کي معزول ڪري قيد ڪيو ۽ مرڪزي اسيمبليءَ ۽ ٻين صوبائي اسيمبلين سميت سنڌ اسيمبليءَ کي پڻ ختم ڪيو. ان دوران سنڌ اسيمبلي جي عمارت سيڪريٽريٽ جي ڪئمپ آفيس طور ڪتب آندي وئي. 1985ع ۾ جنرل ضياءَ ريفرنڊم ذريعي پاڻ کي صدر منتخب ڪرائڻ بعد چونڊون ڪرايون ۽ ٻيهر اسيمبلي بحال ٿي ۽ ڊڪٽيٽرشپ جي ڇانوَ ۾ ڪابينائون جڙيون.
ان وچ ۾ مارچ 1984ع ڌاري ’مهاجر قومي موومينٽ‘ (ايم ڪيو ايم) جو بنياد پيو، جيڪا 1978ع ۾ مهاجر شاگردن جي جوڙيل تنظيم
’آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن‘ (APMSO) طور وجود ۾ آئي هئي. اڳتي هلي ايم ڪيو ايم 1997ع ۾ تنظيم کي ’متحده قومي موومينٽ‘ جو نالو ڏنو. تنظيم مان ڌار ٿيندڙ گروپ ايم ڪيو ايم (حقيقي) وارن ’مهاجر‘ لفظ برقرار رکيو. تنظيمي اختلافن سبب ايم ڪيو ايم جا ٻه ڌڙا ’متحده‘ ۽ ’حقيقي‘ جي نالي سان سرگرم رهندا آيا آهن. مختلف حڪومتي دورن ۾ 1988ع کان اڄ تائين ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) سنڌ حڪومت جو حصو رهندي آئي آهي.
اپريل 1985ع تي غوث علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير ۽ عبدالله حسين هارون 21 مارچ 1985ع کان اپريل 1985ع تائين اسپيڪر رهيو. ان کانپوءِ 11 اپريل 1988ع تي اختر علي جي. قاضي وزيراعليٰ ٿيو ۽ تنهن وقت اسيمبليءَ جو اسپيڪر سيد مظفر حسين شاهه رهيو. جنرل ضياء الحق جي جهاز حادثي ۾ مارجي وڃڻ بعد پيپلز پارٽي چونڊون کٽي آئي ۽ ڊسمبر 1988ع ۾ بينظير ڀٽو وزيراعظم بڻي ۽ سنڌ ۾ سيد قائم علي شاهه وڏو وزير ۽ سيد عبدالله شاهه اسپيڪر چونڊيا ۽ پيپلز پارٽيءَ جي وزيرن جي ڪابينا ٺهي. ان ڪابينا ۾ ڪجهه مهينا، ايم ڪيو ايم به شامل هئي. ان کانپوءِ سيد قائم علي شاهه کي هٽايو ويو ۽ 25 فبروري 1990ع کان 6 آگسٽ 1990ع تائين آفتاب شعبان ميراڻي سنڌ جو وڏو وزير رهيو ۽ اسيمبليءَ جو اسپيڪر سيد عبدالله شاهه ئي برقرار رهيو. 1990ع ۾ صدر غلام اسحاق خان، بينظير ڀٽو جي حڪومت جو خاتمو آندو ۽ صوبن اندر نگران حڪومتون نافذ ڪيون ۽ 6 آگسٽ 1990ع تي ڄام صادق سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيو، بعد ۾ چونڊ کٽي اسيمبليءَ مان وزيراعليٰ چونڊيو. ان وقت اسيمبليءَ جو اسپيڪر عبدالرزاق خان
(ايم ڪيو ايم سان واسطيدار) هو.
1992ع ۾ ڄام صادق علي خان جي وفات بعد 6 مارچ 1992ع تي سيد مظفر حسين شاهه وزيراعليٰ مقرر ٿيو. 1993ع ۾ ٻيهر نگران حڪومتون جڙيون ته 19 جولاءِ 1993ع تي سيد مدد علي شاهه نگران وزيراعليٰ ٿيو، ان دوران اسيمبليءَ لاءِ چونڊون ٿيون 1992ع کان 1994ع دوران ٻوليءَ وارن فسادن جي پسمنظر ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ فوجي آپريشن به ٿيا، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جا ڪيترا همدرد ۽ عهديدار مختلف الزامن هيٺ گرفتار ٿيا، رتوڇاڻ به ٿي. تنظيم جي سربراهه الطاف حسين کي ملڪ ڇڏڻو پيو ۽ هن انگلنڊ ۾ وڃي پناهه ورتي. 1993ع وارين چونڊن جو ايم ڪيو ايم بائڪاٽ ڪيو هو. تنهن هوندي به انهن 23 صوبائي تڪن تي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته پ پ 56 سيٽون حاصل ڪيون ۽ حڪومت ٺاهي. سنڌ اسيمبليءَ مان سيد عبدالله شاهه وڏو وزير ۽ غوث بخش خان مهر اسپيڪر چونڊيا ويا. 1996ع ۾ مرتضيٰ ڀُٽي جي شهادت بعد سندس ڀيڻ بينظير ڀٽو جي حڪومت کي ڌچڪو رسيو. صدر فاروق لغاريءَ پاران مرڪز ۾ اسيمبلي معطل ڪري بينظير ڀٽو کي معزول ڪرڻ سان سنڌ اسيمبلي به ٽوڙي وئي ۽ ممتاز ڀٽو نگران وزيراعليٰ مقرر ٿيو. فبروري 1997ع ۾ مسلم ليگ (ن) سنڌ ۾ حڪومت ٺاهي ۽ لياقت علي جتوئي سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ٿيو. 1997ع وارين چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم بائيڪاٽ ڪيو هو. ان عرصي ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر نواب مرزا (ايم ڪيو ايم) رهيو. ان حڪومت کي 12 آڪٽوبر 1999ع تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل پرويز مشرف اسيمبليون ٽوڙي مارشل لا لاڳو ڪئي ۽ سنڌ اسيمبلي معطل رهي. مشرف دور ۾ مڪاني حڪومتن جو نظام به لاڳو رهيو، 2001ع وارين مڪاني چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم بائيڪاٽ ڪيو. سنڌ جي ضلعن ۾ مختلف پارٽين جا حمايت يافتا ضلعي ناظم چونڊجي آيا، جڏهن ته ڪراچيءَ جي ميئرشپ جماعت اسلاميءَ جي نعمت الله خان کي ملي. 2005ع کان 2009ع تائين ڪراچيءَ جو ميئر، ايم ڪيو ايم جو مصطفيٰ ڪمال رهيو. ٻنهي جي ميئرشپ واري عرصي ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ٿيا. سنڌ جي ضلعن اندر تعلقي ۽ يونين ڪائونسل سطح جي ناظمن ذريعي عوامي سهولتن جا ڪافي ڪم ٿيا. 2002ع ۾ مشرف جي صدارتي دور ۾ نيون اسيمبليون چونڊجي آيون ۽ 17 ڊسمبر 2002ع تي سنڌ اسيمبليءَ مان علي محمد مهر سنڌ جو وڏو وزير چونڊيو، جنهن جي استعيفا کانپوءِ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم وزيراعليٰ ٿيو. ان دوران سيد مظفر حسين شاهه سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر رهيو. ان عرصي ۾ ايم ڪيو ايم (متحده) وڌيڪ مضبوط ٿي، صدر مشرف طرفان مقرر ٿيل گورنر (عشرت العباد) به ايم ڪيو ايم جو حمايتي چونڊيو ويو. سنڌ ڪابينا ۾ به ايم ڪيو ايم اهم وزارتون ماڻيون. ڊسمبر 2004ع کان اڳ سنڌ ۾ 16 ضلعا هئا. ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت دوران 14 ڊسمبر 2004ع تي هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي لاڙڪاڻي، جيڪب آباد ۽ دادو ضلعن کي ٽوڙي چار نوان ضلعا: قمبر، ڪشمور، ڄام شورو ۽ عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو. سياسي ڌرين ان عمل پٺيان ووٽ بئنڪ جو سبب ڄاڻايو. قمبر ۽ شهدادڪوٽ جي رهواسين ضلعي جي نالي بابت الڳ الڳ مهمون هلايون، اهڙن مظاهرن ۾ ڇڪتاڻ سبب فائرنگ ۾ ڪجهه شهري پڻ مارجي ويا هئا، تنهنڪري ضلعي جو نالو قمبر- شهدادڪوٽ رکيو ويو. هوڏانهن ڪشمور ضلعي کي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعي جو نالو ڏنو ويو. ٻئي طرف دادوءَ مان ڄام شورو الڳ ڪرڻ خلاف به مقامي ماڻهن مظاهرا ڪيا هئا. اڳتي هلي اپريل 2005ع ۾ ايم ڪيو ايم جي تجويز تي صدر پرويز مشرف جي هدايتن تي حيدرآباد ضلعي کي به سياسي ۽ لساني بنيادن تي ٽوڙي ٽي نوان ضلعا: مٽياري، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو محمد خان ٺاهڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. سنڌ جي سياسي ڌرين ان فيصلي جي مخالفت ڪئي. ساڳئي عرصي ۾ ڪراچيءَ جا ٻيٽ: ڀنڊار ۽ ڏنگي پڻ دبئيءَ جي هڪ ڪاروباري ڪمپنيءَ کي وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر سنڌ جي ماڻهن جي احتجاج سبب اهو فيصلو ملتوي ڪيو ويو. 9 جون 2007ع تي صوبائي اسيمبلين جي مدي ختم ٿيڻ بعد سنڌ اسيمبلي به ٽوڙي وئي ۽ عبدالقادر هاليپوٽو نگران وزيراعليٰ ٿيو. 2008ع ۾ جيئن سنڌ اسيمبلي چونڊجي آئي ته پيپلز پارٽيءَ واضح اڪثريت سان حڪومت ٺاهي، جنهن ۾ سيد قائم علي شاهه کي سنڌ جو وڏو وزير، نثار کهڙي کي سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ۽
شهلا رضا کي ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو، جنهن حڪومت چونڊيل اسيمبليءَ طور پهريون ڀيرو پنهنجو آئيني مدو پورو ڪيو. ايم ڪيو ايم 2008ع وارين چونڊن ۾ صوبي جون 52 سيٽون حاصل ڪيون ۽ سنڌ حڪومت جو حصو بڻي هئي. ان وچ ۾ ڪن سياسي اختلافن سبب بائيڪاٽ ڪندي ايم ڪيو ايم وارا مخالف ڌر ۾ به ويٺا. بعد ۾ پ پ قيادت کين ڳالهين ذريعي ڪابينا ۾ واپس آندو. 2008ع ۾ نوابشاهه ضلعي جو نالو تبديل ڪري ’شهيد بينظيرآباد‘ رکيو ويو. بينظير ڀٽو جي نالي سان نوابشاهه توڙي ڪراچيءَ جي لياريءَ واري علائقي ۾ يونيورسٽيون پڻ قائم ڪيون ويون. ’سنڌ بئنڪ‘ جو بنياد وڌو ويو. صوبي اندر ’بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊيولپمينٽ‘ پروگرام تحت بيروزگارن ۽ شاگردن لاءِ وظيفي ۽ ٽيڪنيڪي تربيت جو پروگرام پڻ جاري ڪيو ويو. ٿر ۾ موجود ڪوئلي جي ذخيرن تي ڪم شروع ڪيو ويو. ٺٽي ڀرسان ’ذوالفقارآباد‘ نالي نئون شهر قائم ڪرڻ جي رٿا ٺاهي وئي. ان حڪومتي عرصي ۾ پ پ طرفان مڪاني حڪومت جو ’سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس‘ پاس ڪيو ويو، جنهن ۾ ’ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن‘ جو قيام ٿيو ۽ ڪجهه اختيار مڪاني حڪومتن کي منتقل ڪيا ويا. ڪمشنري نظام پڻ بحال ڪيو ويو. لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس تي پ پ مخالف سياسي پارٽين ۽ قومپرست ڌرين اهو موقف رکندي سخت احتجاج ڪيا ته ڪراچي ۽ سنڌ جي ضلعن ۾ مختلف نظام حڪومت لاڳو ٿيڻ سنڌ جي وحدت جي مفاد ۾ نه آهي. نيٺ ان کي واپس ورتو ويو. 11 مئي 2013ع تي سنڌ اسيمبليءَ جون عام چونڊون ٿيون، جنهن ۾ سنڌ جي ڪجهه قومپرست سوچ رکندڙ ڌرين به چونڊن ۾ پهريون ڀيرو حصو ورتو. اليڪشني نتيجي طور پيپلز پارٽي هڪ دفعو ٻيهر چونڊن ۾ اڪثريت سان کٽي آئي ۽ ٻيهر حڪومت سازي ڪندي وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه، اسپيڪر آغا سراج دراني، ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا منتخب ٿيا. ان حڪومت ۾ به ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت جو حصو رهي، ڪجهه عرصو رٺل رهي، بعد ۾ ٻيهر ڪابينا جو حصو بڻي. چونڊن بابت قومپرست ڌرين پاران ڌانڌلين جي نشاندهي ڪندي احتجاج به ڪيو، پر اليڪشن ڪميشن ڪامياب ميمبرن جا نوٽيفڪيشن ڪڍي نئين چونڊيل اسيمبليءَ جو اعلان ڪيو. 2013ع وارين چونڊن کانپوءِ پ پ حڪومت ۾ سجاول نئين ضلعي ٺهڻ سميت ڪراچيءَ ۾ پڻ نوان ضلعا ٺاهيا ويا. هن وقت مجموعي طور سنڌ ۾ 29 ضلعا آهن، جن ۾ ڪراچيءَ جا 6 ضلعا به شامل آهن. (ڏسو ص: نمبر 17، ’سنڌ‘)
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جا گورنر:
(1) سر غلام حسين هدايت الله: سر غلام حسين هدايت الله، 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي قيام وقت سنڌ جو پهريون گورنر مقرر ٿيو. هن سنڌ جي هندن جون ڇڏيل نوڪريون ۽ ملڪيتون هندستان مان آيل مهاجرن جي حوالي ڪيون. سر غلام حسين هدايت الله 4 آڪٽوبر 1948ع تي ڪجھه وقت بيمار رهڻ کانپوءِ وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ جي پراڻي عيدگاهه ۾ دفن ڪيو ويو.
(2) جسٽس دين محمد شيخ: 4 آڪٽوبر 1948ع تي سنڌ جي سر غلام حسين هدايت الله جي وفات کانپوءِ جسٽس دين محمد شيخ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جنهن 7 آڪٽوبر 1948ع تي پنهنجي عهدي جو حلف کنيو.
(3) ميان امين الدين: 12 نومبر 1952ع تي جڏهن سنڌ جي گورنر جسٽس دين محمد گورنر جنرل کي چئن مهينن جي موڪل جي درخواست پيش ڪئي، ته ان جي سرڪاري طور منظوريءَ کانپوءِ بلوچستان صوبي سان واسطو رکندڙ ميان امين الدين کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جنهن 19 نومبر 1952ع تي پنهنجي عهدي جو حلف کنيو.
(4) جارج ڪانسٽينٽائين: هي 25 مئي 1953ع کان 11 آگسٽ 1953ع تائين سنڌ جو چوٿون نمبر گورنر رهيو.
(5) حبيب ابراهيم رحمت الله: هن 12 آگسٽ 1953ع تي گورنر هائوس ڪراچيءَ ۾ پنهنجي عهدي جو حلف کنيو، کانئس سنڌ جي چيف ڪورٽ جي قائم مقام چيف جسٽس مسٽر حسن علي آغا قسم کڻايو.
(6) افتخار حسين ممدوٽ: 21 جون 1954ع تي سـنڌ ۽ پنـجـاب صـوبن ۾ هڪ انتظامي تبديلي عمل ۾ آئي، جنهن هيٺ سنڌ جي گورنر حبيب ابراهيم رحمت الله کي پنجاب جو گورنر مقرر ڪيو ويو ۽ سندس جاءِ تي پنجاب جي وڏي وزير افتخار حسين ممدوٽ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هن 24 جون 1954ع تي پنهنجي عهدي جو حلف کنيو. هي سنڌ جو پهريون پنجابي گورنر هو. افتخار حسين ممدوٽ ون يونٽ قائم ٿيڻ تائين سنڌ جو گورنر رهيو. ان کانپوءِ هڪ دفعو وري سنڌ تي گورنر مقرر ٿيا، جن جو تفصيل هتي ڏجي ٿو:
(7) ليفٽيننٽ جنرل رخمان گل پي. اي: ليفٽيننٽ جنرل رخمان گل،
01 جولاءِ 1970ع تي سنڌ جو نئون گورنر مقرر ٿيو ۽ 20 ڊسمبر 1971ع تائين ان عهدي تي رهيو.
(8) ممتاز علي خان ڀٽو: ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ ممتاز علي خان ڀٽو، سنڌ جو پهريون سويلين گورنر، 22 ڊسمبر 1971ع تي مقرر ٿيو ۽ سندس مدو 20 اپريل 1972ع تائين هليو. سندس واسطو پيپلز پارٽيءَ سان هو.
(9) مير رسول بخش ٽالپر: ممتاز علي خان ڀُٽي جي معزوليءَ کانپوءِ مير رسول بخش ٽالپر کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هن 1 جون 1972ع تي عهدي جو قسم کنيو ۽ 14 فيبروري 1973ع تائين گورنر رهيو. هن جو پڻ پيپلز پارٽيءَ سان واسطو هو.
(10) بيگم رعنا لياقت علي خان: بيگم رعنا لياقت علي خان ملڪ جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان جي گهر واري هئي. هن جو ڪنهن به پارٽيءَ سان واسطو نه هو. هن 15 فيبروري 1973ع تي گورنر جي عهدي جو قسم کنيو ۽ 28 فيبروري 1976ع تائين هن عهدي تي رهي.
(11) الحاج محمد دلاور خانجي: هي 1 مارچ 1976ع تي سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو ۽ 5 جولاءِ 1977ع تائين هن عهدي تي فائز رهيو. هن جي سياسي وابستگي پيپلز پارٽيءَ سان هئي.
(12) عبدالقادر شيخ: عبدالقادر شيخ، 6 جولاءِ 1977ع تي سنڌ جي گورنر طور قسم کنيو ۽ 17 سيپٽمبر 1978ع تائين هن عهدي تي رهيو. هيءُ سول ايڊمنسٽريشن سان وابسته هو.
(13) ليفٽيننٽ جنرل ايس. ايم. عباسي: جنرل ايس. ايم. عباسي، جنرل ضياءُالحق جي مارشل لا دوران 18 سيپٽمبر 1978ع تي سنڌ جي گورنر طور قسم کنيو ۽ 16 اپريل 1984ع تائين هن عهدي تي رهيو.
(14) ميجر جنرل محمود اسلم حيات: هن کي ايس.ايم عباسيءَ جي جاءِ تي ڪجهه عرصي لاءِ قائم مقام گورنر طور مقرر ڪيو ويو ۽ 1980ع تائين هن عهدي تي رهيو.
(15) ليفٽيننٽ جنرل (ر) جهانداد خان: جهانداد خان، آرميءَ جو رٽائرڊ جنرل هو ۽ 1984ع کان 1987ع تائين سنڌ جي گورنر جي عهدي تي فائز رهيو.
(16) اشـرف ڊبليـو تاباني: اشـرف ڊبليو تابانـيءَ، سـنڌ جـي گـورنـر طـور 5 جنوري 1987ع تي عهدي جو قسم کنيو ۽ 23 جون 1988ع تائين هُو انهيءَ عهدي تي رهيو. سندس سياسي وابستگي مسلم ليگ سان هئي.
(17) جنرل (ر) رحيم الدين خان: هيءُ آرميءَ جو رٽائرڊ جنرل ۽ جنرل ضياء الحق جي دؤر جو، سنڌ جو آخري گورنر هو. هن جي گورنر طور
24 جون 1988ع تي مقرري ٿي ۽ 12 سيپٽمبر 1988ع تائين انهيءَ عهدي تي رهيو.
(18) جسٽس (ر) قديرالدين احمد: هيءُ 12 سيپٽمبر 1988ع کان
18 اپريل 1989ع تائين سنڌ جو گورنر رهيو.
(19) جسٽس فخرالدين جي. ابراهيم: جسٽس فخرالدين جي. ابراهيم سپريم ڪورٽ سان وابسته پهريون ۽ واحد سنڌ جو گورنر هو، جنهن
19 اپريل 1989ع تي پنهنجي عهدي جو قسم کنيو ۽ 6 آگسٽ 1990ع تائين هن عهدي تي رهيو.
(20) محمود اي. هارون (پهريون ڀيرو): سر حاجي عبدالله هارون جو پٽ محمود هارون، 6 آگسٽ 1990ع تي سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو ۽ 18 جولاءِ 1993ع تائين هن عهدي تي رهيو. سندس ڪنهن به سياسي پارٽي وغيره سان سڌي وابستگي نه هئي.
(21) حڪيم محمد سعيد: حڪيم محمد سعيد، سنڌ ۾ عام ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ وڏي شهرت رکندڙ شخص هو ۽ سندس ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سان سڌي وابستگي نه هئي. هن کي 19 جولاءِ 1993ع تي سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو ۽ 23 جنوري 1994ع تائين ان عهدي تي فائض رهيو. کيس ڪراچيءَ ۾ دهشتگردن شهيد ڪيو.
(22) محمود اي. هارون (ٻيو ڀيرو): محمود اي. هارون ٻيو ڀيرو 23 جنوري 1994ع تي سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو ۽ 21 مئي 1995ع تائين هن عهدي تي رهيو.
(23) ڪمال اظفر: ڪمال اظفر 22 مئي 1995ع تي گورنر جو عهدو سنڀاليو ۽ 16 مارچ 1997ع تائين هن عهدي تي رهيو. هن جي سياسي وابستگي پيپلز پارٽيءَ سان هئي.
(24) ليفٽيننٽ جنرل معين الدين حيدر: هيءُ آرمي جو رٽائرڊ جنرل هو. کيس 17 مارچ 1997ع تي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو ۽ 17 جنوري 1999ع تائين ان عهدي تي رهيو.
(25) ممنون حـسيـن خان: ممون حسين خان، 19 جون 1999ع تي گـورنـر مـقـرر ٿـيـو ۽ 19 آڪٽـوبـر 1999ع تائين هن عهدي تي رهيو. هن جو سياسي طور ڪنهن به پارٽيءَ سان واسطو نه هو.
(26) ايئر مارشل عظيم دائودپوٽو: پاڪستان ايئر فورس سان وابسته ايئر مارشل عظيم دائودپوٽو، سنڌ جي مشهور عالم ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جو فرزند هو. 1999ع ۾ جنرل پرويز مشرف جي حڪومت دوران کيس سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هيءُ هن عهدي تي 25 آڪٽوبر 1999ع کان 24 مئي 2000ع تائين رهيو.
(27) محمد ميان سومرو: مشهور اقتصادي ماهر ۽ بئنڪر محمد ميان سومري کي پڻ پرويز مشرف حڪومت ۾ سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هن 25 مئي 2000ع کان 26 ڊسمبر 2002ع تائين ان عهدي تي رهي ڪم ڪيو.
(28) عشرت العباد خان: عشرت العباد خان جو واسطو ’متحده قومي موومينٽ‘ سان آهي. هي سڀ کان وڌيڪ عرصو سنڌ جو گورنر رهندڙ شخص آهي. عشرت العباد خان، جنرل پرويز مشرف جي دور ۾،
27 ڊسمبر 2002ع تي سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو ۽ اڄ ڏينهن تائين ان عهدي تي فائز آهي.
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ جا وزيراعظم/ پريميئر:
جڏهن سنڌ، بمبئي پرڳڻي کان اپريل 1936ع ۾ آزاد ٿي ۽ 1937ع ۾ پهرين سنڌ اسيمبلي چونڊي وئي، ته ان وقت سنڌ صوبي جو اعليٰ منتظم (Chief Executive)، پريميئر (Premier) يا وزيراعظم هوندو هو.
پاڪستان جي قيام تائين سنڌ جا هيٺيان پريميئر/وزيراعظم رهيا:
سر غلام حسين هدايت الله: هيءُ سنڌ جو پهريون چونڊيل وزيراعظم هو، جيڪو 28 اپريل 1937ع کان 23 مارچ 1938ع تائين هن عهدي تي فائز رهيو. سندس سياسي وابستگي ’مسلم پيپلز پارٽيءَ‘ سان هئي.
الهه بخش سومرو: سنڌ جو محب وطن سياستدان الهه بخش سومرو، پهريون ڀيرو 23 مارچ 1938ع تي سنڌ جو وزيراعظم ٿيو ۽ 8 اپريل 1940ع تائين هن عهدي تي فائز رهيو. سندس سياسي وابستگي ’اتحاد پارٽيءَ‘ سان هئي.
مير خان ٽالپر'>بنده علي خان ٽالپر: مير خان ٽالپر'>بنده علي خان ٽالپر 18 اپريل 1940ع تي سنڌ جو وزيراعظم چونڊيو ويو ۽ 7 مارچ 1941ع تائين هن عهدي تي رهيو. سندس سياسي وابستگي ’انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ‘ سان هئي.
الهه بخش سومرو (ٻيو ڀيرو): الهه بخش سومرو، مير خان ٽالپر'>بنده علي خان ٽالپر کانپوءِ ٻيو ڀيرو 7 مارچ 1941ع تي سنڌ جو وزيراعظم چونڊيو ويو، انهيءَ عهدي تي 14 آڪٽوبر 1942ع تائين رهيو.
غلام حسين هدايت الله (ٻيو ڀيرو): سر غلام حسين هدايت الله انگريزن جو حمايت يافته هو، جنهنڪري کيس ’سر‘ جو خطاب ڏنو ويو. هي ٻيو ڀيرو 14 آڪٽوبر 1942ع تي سنڌ جو وزيراعلي ٿيو ۽ 14 آگسٽ 1947ع تائين هن عهدي تي فائز رهيو.
پاڪستان کانپوءِ سنڌ جا وزيراعليٰ:
ورهاڱي کانپوءِ سنڌ صوبي جي اعليٰ منتظم (Chief Executive) کي وزيراعليٰ (Chief Minister) سڏيو ويو. هن وقت تائين هيٺيان وزيراعليٰ رهيا آهن:
محمد ايوب کهڙو (پهريون ڀيرو): ورهاڱي کان پوءِ مـحمـد ايوب کهڙو، 14 آگسٽ 1947ع تي سنڌ جو پهريون وزيراعلى ٿيو ۽ هُو 26 اپريل 1948ع تائين هن عهدي تي رهيو. سندس تعلق پاڪستان مسلم ليگ سان هو.
پير الاهي بخش: هي سياسي طور پاڪستان مسلم ليگ سان وابسته هو، 3 مئي 1948ع تي سنڌ جو وزيراعلى ٿيو ۽ 4 فبروري 1949ع تائين هن عهدي تي رهيو.
محمد يوسف هارون: هيءُ 18 فيبروري 1949ع تي سنڌ جو وزيراعلى مقرر ٿيو ۽ 7 مئي 1950ع تائين هن عهدي تي فائز رهيو. سندس واسطو پاڪستان مسلم ليگ سان هو.
قاضي فضل الله: هن جي سياسي وابستگي به پاڪستان مسلم ليگ سان هئي. هن 8 مئي 1950ع تي سنڌ جي وزيراعلى جي عهدي جو قسم کنيو ۽ 24 مارچ 1951ع تائين هن عهدي تي فائز رهيو.
محمد ايوب کهڙو (ٻيو ڀيرو): محمد ايوب کهڙو ٻيو ڀيرو 25 مارچ 1951ع تي سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيو ۽ هن عهدي تي مارچ 1953ع تائين فائز رهيو.
29 ڊسمبر 1951ع کان 22 مئي 1953ع تائين سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو رهيو.
عبدالستار پيرزادو: پيرزادي عبدالستار جو پاڪستان مسلم ليگ سان واسطو هو. هن 22 مئي 1953ع تي سنڌ جي وزيراعلى جي عهدي جو قسم کنيو ۽ 8 نومبر 1954ع تائين وزيراعلى رهيو. ڀٽ شاهه وارو روڊ ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز هن جي دور ۾ منظور ٿيا.
محمد ايوب کهڙو (ٽيون ڀيرو): محمد ايوب کهڙو ٽيون ۽ آخري ڀيرو، ون يونٽ جي قيام جي حمايت ڪرڻ جي ڪري 9 نومبر 1954ع تي سنڌ جو وزيراعلى ٿيو. سندس وزيراعلى هجڻ دوران جنرل ايوب خان مارشل لا ۽ ون يونٽ مڙهي، سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪئي. ايوب کهڙي ون يونٽ جي تائيد ڪئي، جنهن تي سنڌ جي تاريخ ۾ مٿس وڏي تنقيد ڪئي وڃي ٿي. ان وقت سندس واسطو مسلم ليگ سان هو ۽ هي 13 آڪٽوبر 1955ع تائين وزيراعلى رهيو. ايوب خان جي مارشل لا ۽ صوبن جي تاريخي حيثيت جو خاتمو، 30 جون 1970ع تائين قائم رهيو. پهرين جولاءِ 1970ع تي مارشل لا لاڳو ڪئي وئي ۽ ون يونٽ کان وٺي مارشل لا واري سڄي عرصي ۾ سنڌ جو ڪو به وزيراعلى نه رهيو.
ممتاز علي خان ڀٽو: ون يونٽ جي ڊگھي عرصي ۽ مارشل لا کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽو، ملڪ جو سربراهه بڻيو. ان کانپوءِ ممتاز علي خان ڀٽو پهريون سويلين وڏو وزير ٿيو. هن پهرين مئي 1972ع تي وزيراعلى جو حلف کنيو ۽ 20 ڊسمبر 1973ع تائين هن عهدي تي رهيو. سندس سياسي تعلق پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان هو.
رئيس غلام مصطفى خان جتوئي: رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي، 22 ڊسمبر 1973ع تي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ٿيو ۽ 5 جولاءِ 1977ع تائين هن عهدي تي رهيو. هي به پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان لاڳاپيل رهيو.
5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياء الحق، ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت کي ختم ڪري، مارشل لا لاڳو ڪئي. ان دوران فوجي راڄ رهيو ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڦاسي ڏني وئي. جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ ايم. آر. ڊيءَ جي تحريڪ هلي، مارشل لا جو دور اپريل 1985ع تائين هليو، آخر جنرل ضياءَ الحق پنهنجي حڪومت کي وڌيڪ ڊيگهه ڏيڻ لاءِ غير جماعتي بنيادن تي چونڊيون ڪرايون ۽ 8 سالن جي ڊگھي عرصي کانپوءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين کي ٻيهر تشڪيل ڏني وئي.
سيد غوث علي شاهه: هن جو واسطو پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان هو، ضياء الحق جي دور ۾ 6 اپريل 1985ع کان 6 اپريل 1986ع تائين سنڌ جو وزيراعلى ٿي رهيو.
اختر علي جي. قاضي: هن جو واسطو اسلامي جمهوري اتحاد سان هو، هي 11 اپريل 1988ع تي وزيراعلى ٿيو ۽ 24 جون 1988ع تائين هن عهدي تي رهيو.
24 جون 1988ع تي سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو، جيڪو
31 آگسٽ 1988ع تائين رهيو.
اختر علي جي. قاضي (ٻيو ڀيرو): گورنر راڄ جي خاتمي کانپوءِ اختر علي جي. قاضيءَ کي نگران وزيراعلى جي حيثيت ۾ 11 اپريل 1988ع تي وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو ۽ 2 ڊسمبر 1988ع تائين هن عهدي تي فائز رهيو، سندس وزارت اعلى جي عرصي دوران 17 آگسٽ 1988ع تي جنرل ضياءالحق هڪ هوائي حادثي ۾ مري ويو. اهڙيءَ ريت پاڪستان ۾ يارهن سالن جي ڊگھي عرصي کانپوءِ مارشل لا جو خاتمو آيو ۽ نومبر 1988ع تي سڄي ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرايون ويون، نتيجي طور ملڪ ۾ هڪ ڊگهي عرصي بعد جمهوري حڪومت جو قيام عمل ۾ آيو.
سيد قائم علي شاهه (پهريون ڀيرو): ملڪ تان يارهن ساله ضيائي مارشل لا راڄ کانپوءِ سيد قائم علي شاهه، سنڌ جو پهريون سويلين وزيراعلى مقرر ٿيو. سندس تعلق پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان هو. هن 2 ڊسمبر 1988ع تي وزيراعلى جو حلف کنيو ۽ 25 فيبروري 1990ع تائين سنڌ جي وڏ وزارت واري عهدي تي رهيو.
آفتاب شعبان ميراڻي: آفتاب شعبان ميراڻيءَ کي 25 فيبروري 1990ع تي وزير اعلى چونڊيو ويو ۽ 6 آگسٽ 1990ع (صدر غلام اسحاق خان پاران محترمه بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت جي خاتمي) تائين سنڌ جو وزيراعلى رهيو. سندس سياسي وابستگي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان هئي.
ڄام صادق علي: آگسٽ 1990ع ۾، صدر غلام اسحاق خان، بينظير ڀٽو جي عوامي حڪومت جي خاتمي شرط چار ئي صوبائي اسيمبليون به ختم ڪيون ۽ ملڪ ۾ نگران حڪومتون تشڪيل ڏنيون، اهڙيءَ ريت
6 آگسٽ 1990ع تي ڄام صادق علي، سنڌ جو نگران وڏو وزير مقرر ٿيو. ان کان اڳ هُو وزير اعظم جو صلاحڪار به هو، پنهنجيءَ وڏوزارت دوران 1990ع وارين عام چونڊن ۾ حصو وٺي ڪامياب ٿيو ۽ وزيراعلى هئڻ سان گڏ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو، جنهن کانپوءِ کيس مستقل وزيراعلى مقرر ڪيو ويو. هن جي دور ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي قائم ٿي. ڄام صادق علي، ڪئنسر ۾ مبتلا هو، جنهن سبب وزيراعلى هئڻ دوران ئي 5 مارچ 1992ع تي وفات ڪيائين. سندس وفات کانپوءِ سيد مظفر حسين شاهه سنڌ جو وڏو وزير مقرر ٿيو.
سيد مظفر حسين شاهه: سيد مظفر حسين شاهه سياسي طرح اسلامي جمهوري اتحاد سان وابسته هو. هن 6 مارچ 1992ع تي وزيراعلى جي عهدي جو قسم کنيو. جولاءِ 1993ع تي صدر غلام اسحاق خان ۽ وزيراعظم نواز شريف جي استعيفائن ڏيڻ شرط قومي اسيمبلي ۽ چارئي صوبائي اسيمبليون پاڻمرادو ٽُٽي ويون، جنهنڪري سيد مظفر حسين شاهه جي حڪومت به پڄاڻيءَ تي پهتي. هو 19 جولاءِ 1993ع تائين سنڌ جو وزيراعلى رهيو.
سيد علي مدد شاهه: جولاءِ 1993ع ۾ صدر غلام اسحاق خان ۽ وزيراعظم نواز شريف جي استعيفائن ڏيڻ شرط ملڪ ۾ نگران حڪومتون تشڪيل ڏنيون ويون، جنهن ڪري سيد علي مدد شاهه کي 19 جولاءِ 1993ع تي سنڌ جو نگران وزيراعلى مقرر ڪيو ويو، جيڪو
21 آڪٽوبر 1993ع تائين هن عهدي تي فائز رهيو.
سيد عبدالله شاهه: هن جي سياسي وابستگي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان هئي. 1993ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ ڀيرو ٻيهر سرسيءَ کانپوءِ کيس 21 آڪٽوبر 1996ع تي سنڌ جو وزير اعلى مقرر ڪيو ويو. جنهن بعد صدر فاروق احمد خان لغاريءَ پاران محترمه بينظير ڀٽو جي عوامي حڪومت جي ٻئي ڀيري برطرفيءَ جي نتيجي ۾ چارئي صوبائي حڪومتون به برطرف ڪيون ويون ۽ سيد عبدالله شاهه کي 6 نومبر 1996ع تي سنڌ جي وڏوزارت جي عهدي تان هٽايو ويو.
ممتاز علي خان ڀٽو (ٻيو ڀيرو): 1996ع ۾ پاڪستان ۾ حڪومتن جي برطرفيءَ کانپوءِ نگران حڪومتون تشڪيل ڏنيون ويون، جنهن هيٺ ممتاز علي خان ڀُٽي کي 7 نومبر 1996ع تي سنڌ جو نگران وزيراعلى مقرر ڪيو ويو. اُن کان اڳ هُو سيد عبدالله شاهه جي وڏوزارت واري دور ۾ رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي جي پي. ايس- 36 تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر هو ۽ ان وقت هو پنهنجي پارٽي ’سنڌ نيشنل فرنٽ‘ جو سربراهه به هو. هن 22 فيبروري 1997ع تائين سنڌ جي وڏ وزارت جون ذميواريون سنڀاليون.
لياقت علي خان جتوئي: فبروري 1997ع وارين عام چونڊن جي نتيجي ۾ وفاق ۽ چئني صوبن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جون حڪومتون ٺهيون، جنهن هيٺ نوازشريف ملڪ جو ٻيو ڀيرو وزيراعظم ۽ 22 فبروري 1997ع تي لياقت علي جتوئيءَ کي سنڌ جو وڏو وزير چونديو ويو. سندس حڪومت دوران 30 آڪٽوبر 1998ع تي ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف پاران سنڌ صوبي ۾ گورنر راڄ مڙهيو ۽ لياقت جتوئيءَ کي وڏ وزارت واري عهدي تان هٽايو ويو.
جنهن کانپوءِ 12 آڪٽوبر 1999ع تي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف، نواز شريف جي حڪومت کي ختم ڪري، پاڻ پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو جو عهدو سنڀاليو. سندس حڪومت دوران ڊسمبر 2002 ع ۾ ملڪ اندر عام چونڊون ٿيون ۽ 17 ڊسمبر 2002ع تي سنڌ صوبي ۾ مڙهيل گورنر راڄ کي به ختم ڪيو ويو.
علي محمد مهر: 30 آڪٽوبر 1998 تي ان وقت جي وزيراعظم نوازشريف پاران سنڌ صوبي ۾ گورنر راڄ مڙهڻ ۽ جنرل پرويز مشرف جي حڪومت دوران ٿيل 2002ع وارين عام چونڊن جي نتيجي ۾ علي محمد مهر، سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ٿيو. علي محمد مهر، 17 ڊسمبر 2002ع تي پنهنجي عهدي جو حلف کنيو. سندس سياسي وابستگي ’پاڪستان مسلم ليگ (ق)‘ سان هئي. هن 9 جون 2004ع تي پنهنجي آئيني مدي پوري ٿيڻ کان اڳ ئي پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي.
ارباب غلام رحيم: 9 جون 2002ع تي سنڌ جي وڏ وزارت جي عهدي تان علي محمد مهر جي استعيفا کانپوءِ ارباب غلام رحيم کي سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو. ارباب غلام رحيم، جنرل پرويز مشرف جو ويجھو سياسي رفيق هو ۽ پرويز مشرف جي برپا ڪيل ’پاڪستان مسلم ليگ (ق)‘ سنڌ جو صدر پڻ هو. ارباب غلام رحيم 2002ع ۾ تشڪيل ڏنل حڪومت جي آئيني مُدي پوري ٿيڻ تائين سنڌ جو وزيراعلى رهيو. سندس حڪومت جو مدو 19 نومبر 2007ع تي پاڻمرادو پورو ٿي ويو.
عبدالقادر هاليپوٽو: نومبر 2007ع ۾ حڪومت جي آئيني مدي پوري ٿيڻ کانپوءِ، قومي توڙي چئني صوبائي اسيمبلين ۾ نگران حڪومتون تشڪيل ڏنيون ويون. عبدالقادر هاليپوٽي کي 19 نومبر 2007ع تي نگران وزيراعلى مقرر ڪيو ويو ۽ ايندڙ اسيمبلين جي تشڪيل ٿيڻ 6 اپريل 2008ع تائين سنڌ جو نگران وزيراعلى رهيو.
سيد قائم علي شاهه (ٻيو ڀيرو): جنرل (ر) پرويز مشرف جي ڊگھي آمرانه دور حڪومت ۽ بينظير ڀٽو جي المناڪ شهادت کانپوءِ، 2008ع جي عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي سوڀ حاصل ٿي ۽ سيد قائم علي شاهه، 6 اپريل 2008ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ اڪثريت سان وڏو وزير چونڊيو ويو ۽ 20 مارچ 2013ع تائين ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مدو پورو ڪندڙ سنڌ حڪومت جو وزيراعلى رهيو. سندس سياسي وابستگي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان رهي آهي.
جسٽس زاهد قربان علوي: 21 مارچ 2013ع کان 30 مئي تائين نگران وزيراعليٰ رهيو ۽ 2013ع جي عام چونڊن ۽ نئين حڪومت جي جوڙجڪ تائين وزيراعليٰ رهيو.
سيد قائم علي شاهه (ٽيون ڀيرو): سيد قائم علي شاهه ٽيون ڀيرو، سنڌ جي وزيراعليٰ جو عهدو 31 مئي 2013ع تي سنڀاليو ۽ اڄ تائين انهيءَ عهدي تي فائز آهي. اهڙيءَ ريت ورهاڱي کانپوءِ مجموعي طور سنڌ جا نگران توڙي چونڊيل وزيراعليٰ 26 ٿي چڪا آهن. هن جي دور ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بجيٽ 5 ڪروڙ روپيا ٿي، ملازمت لاءِ پينشن لاڳو ٿي ۽ ٻه ڪروڙ روپيا پينشن انڊوومينٽ فند منظور ٿيو.
ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جون مزاحمتي تحريڪون
سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي تحريڪ:
پسمنظر: سنڌ اندر ماضيءَ ۾ هارين جي حقن لاءِ جيڪا لاثاني تحريڪ هلي، اها شاهه عنايت جهوڪ واري جي نسبت سان اڄ به سنڌ جي سماج تي اثر رکي ٿي. غريب ڪڙمين، هارين، پورهيتن جي مٿان زميندارن جا ڏاڍ ڏسي شاهه عنايت ’جو کيڙي سو کائي‘ وارو نعرو بلند ڪندي جدوجهد شروع ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ وقت جي حاڪمن
نواب اعظم خان ۽ ميان يار محمد خان ڪلهوڙي وڏي سازش رچي مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ ٻين مولوين کان سندس قتل جي فتويٰ ڏياري، کيس بيگناهه شهيد ڪري ڇڏيو ۽ وقتي طور اها تحريڪ رڪجي وئي. ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن جي دور ۾به زمينون من پسند ڪامورن کي فرمان جاري ڪري ڏنيون وينديون هيون. اهو سلسلو هلندو رهيو. اٻوجهه مسڪين هارين جي غريبي ۽ بيڪسيءَ واري حالت کي مدنظر رکندي ساڳئي فلسفي تحت ويهين صديءَ جي ساڃهه وند طبقي پڻ هارين لاءِ آواز اٿاريو.
1930ع ۾ جي ايم سيد پنهنجن ساٿين: دادا ڄيٺمل پرسرام ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سان گڏ جمشيد نسروانجي مهتا جي صدارت ۾، ميرپور ۾ ’سنڌ هاري ڪميٽيءَ‘ جو بنياد وڌو، جنهن جو مقصد هارين نارين جي حقن جي حفاظت ڪرڻ هو، جيڪي جاگيرداري نظام جي ظلم جي جنڊ ۾ پيسجي رهيا هئا. سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو مقصد، سنڌ جي هارين نارين جي حالت کي سڌارڻ، کين پنهنجا حق وٺي ڏيڻ ۽ تعليم کان آشنا ڪرڻ هو. انهيءَ مقصد لاءِ جدوجهد جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي هارين کي قيد ۽ بند جون عقوبتون برداشت ڪرڻيون پيون ۽ ڪيترن هارين جون انگريز سرڪار ۽ زميندارن جي ظلم ۽ بربريت ڪارڻ حياتيون ضايع ٿي ويون، پر هنن پنهنجي جدوجهد جاري رکي، اهو ڏسي ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ ڊپٽي ڪليڪٽريءَ تان استعيفا ڏئي، سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ وڏي جفاڪشيءَ سان ان تحريڪ کي جلا بخشي.
ورهاڱي وقت 1947ع ۾ رتيديري واري ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ حيدر بخش جتوئيءَ کي سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي هُو آخر تائين رهيو. هن هارين جي حقن لاءِ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون، تن جو وچور هن ريت آهي: سنڌ جي هر هڪ تعلقي ۽ ضلعي سطح تي سنڌ هاري ڪميٽيءَ جا دفتر قائم ڪيا، هن هفتيوار اخبار ’هاري حقدار‘ شروع ڪئي ۽ ان ۾ ايڊيٽر جي حيثيت سان هارين جي حقن لاءِ آواز اٿاريائين، ننڍن وڏن شهرن ۾ هاري ڪانفرنسون ۽ جلسا جلوس منعقد ڪرائي هارين ۾ جاڳرتا آندائين، سنڌ جي مختلف هنڌن تي پاڻ وڃي هارين کي سندن بنيادي حقن کان آگاهي ڏنائين، 1945ع کان 1947ع تائين اڌ بٽئيءَ جي تحريڪ شروع ٿي هئي، ان کي ڪامياب ڪيائين، 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ حيدرآباد ۾ هارين جي حقن بابت اديبن، شاعرن ۽ محققن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري، هارين لاءِ آواز اٿاريائين ۽ انهن جا مطالبا مڃرايائين، 1951ع ڌاري صوبائي اسيمبليءَ اڳيان هزارين هارين جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو هڻي،
’سنڌ ٽيننسي ايڪٽ‘ پاس ڪرايائين، 1958ع ۾ هارين جو هڪ وفد تيار ڪري، ان وقت جي صدر اسڪندر مرزا سان ملاقات ڪري هارين جي بنيادي مسئلن بابت آگاهي ڏنائين هارين جي حقن خاطر ڪيترا مضمون ۽ مقالا لکيائين. ان کان سواءِ ڪيترائي اشتهار ۽ پمفليٽ پڻ شايع ڪرايائين.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کي ’باباءِ سنڌ‘ جو لقب مليو. هن سنڌ جي عظمت جي پيش نظر ’جيئي سنڌ جيئي سنڌ، جامِ محبت پيئي سنڌ‘ نظم لکيو هو، ان نعري کي پوءِ سنڌ جي قومي تحريڪ ’جيئي سنڌ تحريڪ‘ لاءِ چونڊيو ويو.
اهڙيءَ طرح اها هاري تحريڪ پوريءَ سنڌ ۾ پکڙجي وئي. اتر سنڌ ۾ ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ ۽ ٻين اڳواڻن هاري هلچل ۾ ڀرپور حصو ورتو. ٻين ضلعن وانگر هن تحريڪ جو ٿرپارڪر ضلعي تي به اثر پيو. ٿرپارڪر ۾ هن تحريڪ ۾جان محمد پلي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، پير عبدالغفور جان سرهندي، محمد ابراهيم مومن ڪُنريءَ واري، ڪامريڊ امولک اوڏ ۽ ٻين ڪيترن هاري ورڪرن حصو ورتو. هن تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ 20 جون 1949ع تي جُهڏي (موجوده ضلعي ميرپورخاص) ۾ هاري ڪانفرنس گهرائي، جنهن ۾ اٽڪل ڏهه هزار هارين ۽ ورڪرن حصو ورتو. سنڌ جي بهادر عورت- مائي بختاور جي ڳوٺ جا سمورا مرد به هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ ويا. پويان اَنَ جي راهه تي هڪڙي پوڙهي شخص پنيي لاشاريءَ ۽ مائي بختاور کي سنڀال لاءِ ڇڏي ويا. مائي بختاور لاشاري، سنڌ جي پهرين شهيد هارياڻي هئي. هن عمرڪوٽ جي هڪ ننڍي شهر ٽالهيءَ جي ڀر ۾ هئدي لاشاريءَ جي ڳوٺ ۾ جنم ورتو هو. ڪانفرنس جي آخري ڏينهن، 22 جون 1949ع تي خبر آئي ته ٽالهي شهر لڳ، هئدي لاشاريءَ جي ڳوٺ ۾ ڌارين آبادڪارن هڪ عورت کي بندوقن جا فائر ڪري شهيد ڪري ڇڏيو. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ساٿين سان گڏ، 23 جون تي صبح جو سوير لاشارين جي ڳوٺ پهچي ويو. ساڻس ٻين کان سواءِ ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ڪامريڊ ميرمحمد ٽالپر به گڏ هئا. هنن اَن جي کري تي شهيد بختاور لاشاريءَ جو لاش وڃي ڏٺو. اتي کين خبر پئي ته کري تي اٽڪل ٽي هزار مڻ ڪڻڪ هئي. ڳوٺ جا سمورا مرد ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويل هئا ۽ ڌارين آبادڪارن موقعي جو فائدو وٺي ڪڻڪ کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مائي بختاور ۽ هڪ پيرسن پنيي فقير ۽ ٻين عورتن هنن کي ائين ڪرڻ کان روڪيو. مائي بختاور لوهي ٽيانگ کڻي کين للڪار ڪئي ته ”هٽي پري ٿيو، اَنَ جو ڪڻو به کڻڻ نه ڏينديس“. مائي بختاور جو مزاحمتي انداز ڏسي زميندارن کي ڪاوڙ لڳي ۽ هڪ ظالم چوڌري سعدالله ۽ سندس مئنيجر چوڌري خالد، مائي بختاور تي بندوق جا سڌا فائر ڪيا ۽ نتيجي طور مائي بختاور اَن جي ديرن جو بچاءُ ڪندي شهيد ٿي وئي ۽ پير مرد پنيو فقير زخمي ٿي پيو، جنهن جي ڄمار سٺ ورهين کان مٿي هئي. ڪُنري ٿاڻي جو صوبيدار عنايت علي خان ابڙو ۽ ڊي ايس پي ديوان تلجارام پهچي چڪا هئا. هنن ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي موجودگيءَ ۾ ڪيس لکيو. ڪجهه ورڪر ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي حڪم تي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ ساماري کڻائي ويا، جتي گهڻي وقت گذري وڃڻ ڪري مائي بختاور کي آخر دفن ڪيو ويو. سندس تربت ساماري جي هڪ مقام ۾ واقع آهي. ڪيس ٿرپارڪر سيشن ڪورٽ ميرپورخاص ۾ هليو. ڪيس جي پيروي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي طرفان وڪيل ديوان انبارام ڪئي. سرڪاري وڪيل خان بهادر مرزا سڪندر بيگ هو، جنهن کي ان وقت جي سنڌ جي وزير داخلا، قاضي فضل الله خاص حيدرآباد کان اُماڻيو هو، اُن پڻ فريادي ڌُر (مائي بختاور واري ڌر) جي مدد ڪئي، جڏهن ته جوابدارن جي پيروي ديوان ڏيئل مل ۽ لاهور مان گهرايل هڪ بئريسٽر ڪئي. ان وقت سيشن جج شنڪر سنگهه آڏواڻي هو. هن صاحب حق جو فيصلو ڏنو ۽ چوڌري سعدالله (جيڪو اُن وقت جي پاڪستان جي وزير خارجه سر ظفرالله خان جو ڀاڻيجو هو) کي 25 ۽ چوڌري خالد کي 20 سال ٽيپ ڏني، جڏهن ته ٻين مجرمن کي پنجن کان ڏهن ورهين تائين سزائون ڏنائين. ٻيا ته اپيلن مان آزاد ٿي ويا، ليڪن چوڌري سعدالله 25 سال ٽيپ برابر ڪاٽي. جيتوڻيڪ سنڌ اندر جاگيرداراڻي نظام هيٺ اڄ به ڪيترن ضلعن ۾ زميندار پنهنجي هارين کي ’غلام‘ واري نظر سان ڏسن ٿا، کين پورو اجورو به نه ٿا ڏين، ڪٿي ته هاري ڪٽنب مقامي زميندارن وٽ قيد پڻ ڪيا وڃن ٿا. ڪجهه سماجي تنظيمن انهيءَ روش خلاف پرچار پڻ ڪئي آهي. سنڌ ٽيننسي ائڪٽ پڻ گذريل ڏهاڪي کان بحث هيٺ آهي، پر عملي طور اڃا بهتر نتيجا ڪونه مليا آهن.
ون يونٽ جو نفاذ ۽ ان خلاف مزاحمت:
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪجهه سياستدان صوبن جي خودمختياري ۽ انتظامي ورڇ تي خوش نه هئا. سندن خواهش هئي ته ملڪ جي اولهندي حصي جي سڀني صوبن کي گڏائي اوڀر پاڪستان جي مقابلي ۾ هڪ صوبو ٺاهجي. پنجاب جو اهو خيال هو ته هڪ صوبي ٿيڻ سان مشرقي پاڪستان جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. حڪمرانن کي اهو ڊپ هو ته جيڪڏهن ڪنهن وقت سندن مفادن جي حاصلات ۾ ڪا رڪاوٽ پيش آئي ته مغربي پاڪستان جا ٽي ننڍا صوبا مشرقي بنگال جو ساٿ ڏيندا ۽ پنجاب اڪيلو رهجي ويندو، جنهن لاءِ ضروري سمجهيو ويو ته مغربي پاڪستان ٺاهيو وڃي. انهيءَ خيال جي پٺيان ان وقت جو گورنر جنرل ملڪ غلام محمد ۽ پنجاب جا ٻيا سياستدان ممتاز محمد دولتانا وغيره شامل هئا. انهن جي مڪمل پٺڀرائي جنرل اسڪندر مرزا ۽ جنرل ايوب خان پڻ ڪري رهيا هئا. 11 ڊسمبر 1954ع تي ملڪ جي مختلف صوبن: پنجاب، سنڌ ۽ سرحد اسيمبلين کان ٺهراءَ بحال ڪرايا ويا ۽ پوءِ بهاولپور رياست، خيرپور رياست، قلات ڊويزن ۽ بلوچستان جي علائقن ۾ پڻ اهڙو ٺهراءُ بحال ڪرائي ۽ سمجهوتا وٺي، 14 آڪٽوبر 1955ع تي ملڪ جي آئين ساز اسيمبليءَ کان ون يونٽ جو ٺهراءُ بحال ڪرائي ’ون يونٽ‘ لاڳو ڪيو ويو. سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي سڀني ماڻهن وحداني طرز حڪومت ۽ ون يونٽ جي خالقن جي سخت مخالفت ڪئي. سنڌ جي ساڃهه وند طبقي شديد خدشا ظاهر ڪندي چيو ته ون يونٽ جي قيام سان سندن ٻوليءَ، ثقافت، ادب ۽ معيشت کي نقصان ٿيندو. ون يونٽ ٺاهڻ جو پس منظر ڪجهه هن ريت هو ته،
محمد علي بوگرا جي وزيراعظم ٿيڻ بعد هن هڪ نئون فارمولو ڏنو، جنهن کي ’بوگرا فارمولا‘ چيو وڃي ٿو، جيڪو فارمولي 07 آڪٽوبر 1953ع تي قانون ساز اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو، جنهن تحت لوور هائوس ۾ 300 ميمبر رکيا وڃن، جنهن ۾ اوڀر پاڪستان کي 165 سيٽون ڏنيون وڃن، پنجاب کي 75، سرحد ۽ ان جي قبائلي علائقن کي 24، سنڌ ۽ خيرپور کي 18، بلوچستان ۽ ان جي رياستن کي 17 سيٽون ڏنيون وڃن. محمد علي بوگرا فارمولي کي بنگال، پنجاب، سنڌ، سرحد ۽ بهاولپور جي وڏن وزيرن قبول ڪيو ۽ مسلم ليگ جي پارلياماني پارٽيءَ پڻ ان کي قبول ڪيو. پر پنجاب جي مسلم ليگ جي ڪجهه رهنمائن ۽ ٻين پارٽين اهو چئي انهيءَ خيال کي رد ڪيو ته جيئن ته بنگال وڏو صوبو آهي. تنهنڪري اهو اپر هائوس جي ڪنهن به هڪ صوبي يا ون يونٽ کي پاڻ سان ملائي يا پنهنجي اڪثريت ٺاهي، پنجاب مٿان پنهنجا فيصلا مڙهي سگهي ٿو. انهن ڏينهن ۾ 1953ع ۾ مشرقي پاڪستان جي چونڊن ۾ مسلم ليگ کي وڏي پئماني تي شڪست نصيب ٿي ۽ بنگال جو يونائيٽيڊ فرنٽ، جنهن ۾ حسين شهيد سهرورديءَ جي عوامي ليگ ۽ فضل حق جي ڪرشڪ سرامڪ پارٽيون هيون، سي وڏي اڪثريت سان چونڊون کٽي آيون ۽ 309 جي ايوان ۾ 233 سيٽون حاصل ڪيون. مسلم ليگ جي انهيءَ شڪست سڄي ملڪ خاص ڪري پنجاب جي مسلم ليگ جي رهنمائن کي ڊيڄاري ڇڏيو ۽ هنن اهو شدت سان محسوس ڪيو ته محمد علي بوگرا فارمولا سندن ڪا به مدد نه ڪئي، ڇو ته مشرقي پاڪستان وڏي اڪثريت سان هڪ ئي تڪ ۾ پنهنجي طاقت جو توازن ٺاهي اڀري آيو آهي. منصوبي تحت مغربي پاڪستان کي هڪ صوبي جي شڪل ڏئي ون يونٽ لاءِ محاذ تيار ڪيو ويو. ان وقت جي سنڌ جي قانون ساز اسيمبليءَ ۾ مخالفت ڌر جي رهنما جي ايم سيد، اسيمبليءَ ۾ صوبن کي هڪ ڪرڻ واري خيال (ون يونٽ) جي سخت مخالفت ڪئي. سنڌ جي ڪجهه سياستدانن ۽ هاري رهنمائن، جي ايم. سيد جي پٺڀرائي ڪئي، جن ۾: حيدر بخش جتوئي، عبدالقادر ايم خان جنرل سيڪريٽري سنڌ هاري ڪميٽي، محمد هاشم گزدر نائب صدر قانونن ساز اسيمبلي پاڪستان، قاضي فضل الله، عبدالفتاح ميمڻ، پاڪستان مسلم ليگ خواتين ونگ سنڌ وغيره ون يونٽ ٺاهڻ جي مخالفت ڪئي.
ون يونٽ جي وڌندڙ مخالفت سبب مسلم ليگ جي سب ڪميٽيءَ پنهنجو سڄو مامرو مسلم ليگ اسيمبليءَ جي حوالي ڪيو، جنهن
03 سيپٽمبر 1954ع تي اڪثريت راءِ سان ون يونٽ جي پلان کي رد ڪيو. گڏجاڻيءَ ۾ 56 ميمبرن مان 32 ميمبر شامل ٿيا، جن مان صرف
2 ميمبرن: چوڌري محمد علي ۽ سردار امير اعظم خان ون يونٽ جي حق ۾ بحث جي شروعات ڪئي ۽ سنڌ جي وڏي وزير پيرزادي عبدالستار، منصوبي جي سخت مخالفت ڪئي. ون يونٽ جي خلاف ووٽن ۾ سنڌي، بلوچي، بنگالي ۽ ڪجهه پنجابي ميمبر به شامل هئا. 14 نومبر 1954ع تي مٿانهين سطح واري گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ محمد ايوب کهڙو، ممتاز دولتانه، پير قربان علي، چوڌري محمد علي ۽ سردار عبدالرشيد شامل هئا. ان گڏجاڻيءَ ۾ ون يونٽ جي دستاويز کي حتمي شڪل ڏني وئي ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ پيرزادي عبدالستار جي وزارت ڊاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. عبدالستار پيرزادي پنهنجي طرفان ويڙهه ڪرڻ جو سوچيو ۽ ان دستاويز کي وائکي ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو. هن تمام گهڻي ڀڄ ڊڪ ڪئي ته ون يونٽ جو منصوبو عمل ۾ نه اچي، جنهن لاءِ هن پنهنجي بنگالي ۽ پٺاڻ سياسي دوستن سان ڳالهايو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن کي پڻ اعتماد ۾ ورتو. قانونساز اسيمبليءَ جي 110 ميمبرن مان 76 ميمبرن هڪ بيان ڪڍي ان تي صحيون ڪري آئين ساز اسيمبليءَ ۽ پيرزادي جي وزارت تي مڪمل طور اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ پيرزادي سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس 15 نومبر تي ون يونٽ خلاف ٺهراءَ پاس ڪرڻ لاءِ گهرايو، پر 08 نومبر تي پيرزادي جي وزارت ان بنياد تي ختم ڪئي وئي ته ”صوبي ۾ بدانتظامي ٿي چڪي آهي“، پوءِ گورنر طرفان محمد ايوب کهڙي کي وزارت ٺاهڻ لاءِ چيو ويو. 12 نومبر 1954ع تي دفاع پاڪستان ايڪٽ تحت جي ايم سيد کي گرفتار ڪيو ويو. وزيراعظم 22 نومبر 1954ع واري پنهنجي تقرير ۾ سنڌ جي ميمبرن تي اهو زور ڀريو ته هو جلد ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ ڏين. انهيءَ دوران 04 ڊسمبر 1954ع تي سنڌ اسيمبليءَ جي 80 ميمبرن ون يونٽ جي حمايت جو اعلان ڪيو. جن مان 49 ميمبرن لکت ۾ بيان جاري ڪيو. 27 مارچ 1955ع تي گورنر جنرل غلام محمد مغربي پاڪستان آرڊر جاري ڪيو. 28 مئي 1955ع تي نئين دستور ساز اسيمبلي چونڊي وئي. دستور ساز اسيمبليءَ ۾ ون يونٽ بابت بل پيش ٿيڻ بعد ٻن مهينن تائين ان تي بحث هلندو رهيو. 30 سيپٽمبر 1955ع تي آخري ووٽنگ ڪرائي وئي. 43 ووٽ بل جي حمايت ۾ ۽ 13 ووٽ خلاف ويا. ون يونٽ کي قانوني حيثيت ملڻ جي خوشيءَ ۾ سرڪار پاران 14 آڪٽوبر 1955ع تي ڏيئا ٻارڻ جو اعلان ڪيو ويو. گورنر جنرل 15 آڪٽوبر 1955ع تي صوبن جي ختم ڪرڻ وارو آرڊيننس جاري ڪيو.
مزاحمت: ون يونٽ جي ٺهڻ تي سنڌ جي سياستدانن، اديبن، عالمن، دانشورن ۽ سمورن ساڃاهوند طبقن پنهنجن خدشن جو اظهار ڪيو ۽ ان کي سنڌ جي تشخص/ سڃاڻپ، سماجي ۽ معاشي حالت، ٻوليءَ، تعليم، ادب لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو ۽ سموري سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف مزاحمت جو سلسلو شروع ٿي ويو.
هونئن ته ون يونٽ ٺهڻ دوران ئي سنڌ جي ماڻهن ان جي خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو. اها جدوجهد پارليامينٽ جي ايوان کان جلسن جلوسن تائين مسلسل جاري رهي، پر 1957ع ۾ جي ايم سيد، رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن گڏيل صلاح مشهوري سان گهڻ طرفي انداز ۾ ون يونٽ خلاف باقاعدي جدوجهد جي شروعات ڪئي. جنهن ۾ اسيمبليءَ اندر ون يونٽ خلاف آواز اٿارڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪرڻ پڻ شامل هو. ان سلسلي ۾ جي ايم سيد اسڪندر مرزا سان ڳالهايو ته هو ون يونٽ ٽوڙڻ ۾ سندن مدد ڪري. انهن ئي ڏينهن ۾ مغربي پاڪستان ۾ ننڍيون وڏيون مختلف پارٽيون ٺهنديون رهيون. نيشنل پارٽي ۽ ريپبلڪن پارٽيءَ جو پاڻ ۾ معاهدو ٿيو. ان معاهدي تي خان غفار خان، جي ايم سيد ۽ افتخار الدين نيشنل پارٽي طرفان ۽ فيروز خان، سردار عبدالرشيد ۽
سيد عابد حسين ريپبليڪن پارٽي طرفان ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، پيرزادري عبدالستار ۽ پير پاڳاري جي موجودگيءَ ۾ صحيحون ڪيون. ان معاهدي ۾ اهو طئه ٿيو ته اسيمبليءَ اندر ون يونٽ خلاف جي ٺهراءَ ڀرپور حمايت ڪبي. 25 جولاءِ 1957ع تي مولانا ڀاشانيءَ، ڍاڪا ۾ ڪُل پاڪستان ڊيموڪريٽڪ ورڪرز جو ڪنوينشن گهرايو، جنهن ۾ سنڌ مان جي ايم سيد،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمود الحق عثماني، علي احمد قريشي، مير رسول بخش ٽالپر، سوڀو گيانچنداڻي، غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد شريڪ ٿيا. هتي ئي هڪ آل پاڪستان پارٽي ’نيشنل عوامي پارٽي‘ (نعپ) وجود ۾ آئي، جنهن جو سربراهه مولانا ڀاشاني هو. ان ڪنوينشن ۾ هڪ ٺهراءُ پاس ٿيو ته ”ون يونٽ کي ٽوڙي ان جي جاءِ تي سب فيڊريشن ٺاهي وڃي.“ ان موقعي تي سائين جي ايم سيد ون يونٽ خلاف سخت موقف ورتو ته ون يونٽ کي ٽوڙيو وڃي، پر وقتي طور نعپ ريپبلڪن پارٽيءَ سان جيڪو معاهدو ڪيو هو، ان ۾ ڪجهه گوٿ ناٿ ٿي رهي هئي، پر جي ايم سيد جي زور تي ريپبلڪن پارٽيءَ اهو فيصلو ڪيو ته هو ون يونٽ ٽوڙڻ جي بل ۾ رخنو نه بڻبا.
هيڏانهن سنڌ ۾ 19 آگسٽ 1957ع تي شهدادڪوٽ ۾
حيدر بخش جتوئيءَ ’سنڌ هاري ڪميٽيءَ‘ جو هڪ تمام وڏو جلسو ڪيو، جنهن ون يونٽ جي سخت مخالفت ڪئي. 5 نومبر 1957ع تي خيرپور ۽ سکر، 9 نومبر 1957ع تي نوابشاهه ۾ نيشنل عوامي پارٽي طرفان ون يونٽ ٽوڙ تاريخي ڪانفرنسون ٿيون. جن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. خيرپور واري جلسي جي صدارت عبدالرزاق سومري سکر واري جلسي جي صدارت قاضي فيض محمد ۽ نوابشاهه واري جلسي جي صدارت سائين جي ايم سيد ڪئي. ميرپورخاص جي ساماري تعلقي جي اندر پير پٿوري جي ميلي دوران ٽن ڏينهن لاءِ نومبر 1957ع ۾ ون يونٽ ٽوڙ ڪانفرنس ٿي. ڪانفرنس جي پهرين نشست جي صدارت نيشنل عوامي پارٽيءَ جي اڳواڻ غلام محمد لغاري، ٻي نشست جي صدارت ڪامريڊ عبدالقادر ايم خان ڪئي. هن ڪانفرنس جو اهتمام نيشنل پارٽي ۽ ضلعي ٿرپارڪر هاري ڪميٽيءَ ڪيو هو.
هوڏانهن 18 سيپٽمبر 1957ع تي ون يونٽ ٽوڙڻ وارو بل اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويو. ان معاهدي تي هيٺيون ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته؛ ”مغربي پاڪستان جي هيءَ قانون ساز اسيمبليءَ قومي اسيمبليءَ کي سفارش ڪري ٿي ته مغربي پاڪستان جا صوبا لساني بنيادن تي بحال ڪيا وڃن ۽ کين صوبائي خودمختياري ڏني وڃي ته جيئن هو مغربي پاڪستان جي هڪ زونل فيڊريشن ٺاهين ۽ ٻئي پارٽيون انهيءَ جي ڀرپور حمايت ڪن ٿيون.“ ٺهراءَ پيش ٿيڻ سان قانون ساز اسيمبليءَ ۾ ڊگهو بحث شروع ٿيو. جنهن ۾ علي مردان ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي ۽ سيد جميل حسين رضوي، خان سيف الله خان، ميجر جنرل جمالدار خان، قاضي فضل الله ۽ پيرزادري عبدالستار ٺهراءَ جي حمايت ڪئي. مسلم ليگ جو رويو خاموشيءَ ۽ لاتعلقي وارو هو ۽ ان جا سڀ ميمبر چپ رهيا.
306 ميمبرن جي هن ايوان ۾ 170 ميمبرن جي حمايت سان اهو ٺهراءُ پاس ٿيو. چئن ميمبرن مخالفت ڪئي. مسلم ليگ جي خاموش رهڻ سبب ان جو ووٽ نه ڳڻيو ويو. 170 ميمبرن مان 3 (ٽي) ميمبر صوبي سرحد ۽ بلوچستان جي مسلم ليگ جا هئا. جن ٺهراءَ جي حق ۾ ووٽ ڏنو.
170 ميمبرن مان 13 ميمبر مخالف گروپ ۾ شامل ٿيا. 8 ميمبر نيشنل عوامي پارٽيءَ جا ٿيا. 149 ميمبر ريپبلڪن جا ٿيا. ان سڄي ڪم پويان سائين جي ايم سيد جي ڏاهپ ۽ سمجهه تمام وڏي حد تائين ڪم آئي. جنهن جو مڪمل ساٿ رئيس خان ڀرڳڙي'>غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي ۽ پيرزادي عبدالستار ڏنو. ان ٺهراءَ جي پاس ٿيڻ کانپوءِ مرڪزي حڪومت ٺهراءَ جي پاس ٿيڻ کي غلط قرار ڏنو.
آڪٽوبر 1958ع ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو. ان ڪري ون يونٽ ٽٽي نه سگهيو. سنڌ لاءِ حالتون اڃا به خراب ٿي ويون ۽ مزاحمت جو سلسلو ڪجهه وقت رڪجڻ کانپوءِ ٻيهر شروع ٿيو.
14 آڪٽوبر 1963ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. هزارين ماڻهن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ون يونٽ ٽوڙڻ جو مطالبو ڪيو. 15 آڪٽوبر 1963ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن پڻ ڪارو ڏينهن ملهايو. (وڌيڪ ڏسو: سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ هلچل) 1963ع ۾ سنڌ ۾ ون يوٽ خلاف زبردست وال چاڪنگ واري مهم شروع ٿي. ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪردار پڻ ساراهه جوڳو رهيو. 1958ع ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي گرفتار ڪيو ويو.
سنڌي ادبي سنگت 9 نومبر 1963ع تي ’يوم سنڌي زبان‘ ملهايو. ون يونٽ خلاف هڙتالن ڪرڻ سبب محرابپور مان ايس اين ايس ايف اڳواڻ غلام رسول سهتو، منظور علي ملاح، گلاب علي راڄپر، عبداللطيف ملاح، جيڪب آباد مان شاگرد تحريڪ اڳواڻ امداد اوڍو وغيره گرفتار ٿيا ۽ مختلف جيلن ۾ عقوبتن جو شڪار ٿيا. ون يونٽ خلاف جدوجهد ڪندڙ ڪجهه سنڌ جي سڄڻن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا، جن ۾:شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي، سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، رئيس خان ڀرڳڙي'>غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي، قاضي فيض محمد، محمد ابراهيم جويو، حفيظ قريشي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، عبدالڪريم گدائي، نياز همايوني، تنوير عباسي، قاضي محمد بخش ڌامراهه، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، شيخ اياز،رسول بخش پليجو'> رسول بخش پليجو، لالا قادر، ابن حيات پنهور، خالد سنڌي، اختر بلوچ، يوسف لغاري، رشيد ڀٽي، ناصر مورائي، ڄام ساقي، مسعود نوراني، مجيب پيرزادو، محمد عمر ميمڻ، طارق اشرف، نذير احمد چنا، حميد سنڌي، يوسف ٽالپر، شوڪت سنڌي، الله شيخ'>امان الله شيخ وغيره قابل ذڪر آهن. سنڌي ماڻهن جي جدوجهد نيٺ رنگ لاتو ۽ 28 نومبر 1969ع تي يحيٰ خان ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو.
سنڌ جي سياستدان جي ايم سيد، ون يونٽ دوران سنڌ سان ٿيندڙ معاشي ناانصافين جو ذڪر هيٺينءَ ريت ڪيو آهي:
 سنڌ جي 80 ڪروڙ روپين جي خرچ سان ٺهرايل ڪوٽڙي بئراج تي ٽنڊي محمد خان جون زمينون سرڪاري خرچ تي سڌاري غير سنڌين کي ڏنيون ويون.
 ڪيترن ئي سنڌي آفيسرن جا حق ريٽي، پنجاب جي جونيئر آفيسرن کي مکيه عهدن تي رکيو ويو. مسٽر عثمان علي انصاري، مسٽر ڊکڻ، آغا جعفر علي ۽ ٻيا ڪيترا انهيءَ ناانصافيءَ جو شڪار ٿيا.
 سنڌ سرڪار طرفان منظور ڪيل جابلو ۽ ٿر ايراضين کي سڌارڻ جون اسڪيمون رد ڪيون ويون. جيتوڻيڪ انهن تي خرچ سنڌ جي پئسي مان ٿئي ها، جڏهن ته سنڌ صوبي جا 33 ڪروڙ روپيا بجيٽ، ون يونٽ ٺهڻ وقت قبضي ۾ آڻي، پنهنجي ڪم آڻي ڇڏيائون.
 سنڌي ادبي بورڊ، شاهه لطيف سينٽرل ڪلچرل بورڊ وغيره لاءِ سنڌ سرڪار طرفان منظور ڪيل رقمن کي گهٽائي فقط نالي ماتر ڪيو ويو.
 سنڌ سرڪار طرفان هر سال هڪ تعلقي ۾ هاءِ اسڪول ۽ هر ضلعي ۾ ڪاليج ۽ اسپتال جون بحال ٿيل اسڪيمون ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ زوري تعليم جي اڳوڻي دستور کي ختم ڪيو ويو.
 1945ع ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ ٿيل پاڻيءَ جي معاهدي کي رد ۽ پنجاب جي فائدي لاءِ نوان پاڻي جمع ڪرڻ لاءِ بندَ ٻَڌا ويا.
 سنڌ جي مکيه کاتن ۾ مکيه عملدار غير سنڌي رکي کين وسيع اختيار ڏئي سنڌ جي مفادن کي نقصان پهچايا ويا.
 اقتصادي معاملن سان واسطو رکندڙ کاتن جي سلسلي ۾ مغربي پاڪستان جي بنيادن تي ادارا ٺاهي، انهن جي چارج غير سنڌين کي ڏئي سنڌ جو مالي استحصال ڪيو ويو. انهن مان مکيه ادارا: واپڊا، ADC، PIDC، PICIC وغيره هئا.
 PIDC معرفت اسڪيمن تي خرچ ڪيل ٻن سؤ ڪروڙن مان سنڌ تي صرف ڏهه ڪروڙ خرچ ڪيا ويا.
 سنڌ جي ٻاهرئين ۽ ٻڌي واپار ۽ ڪارخانن برپا ڪرڻ جي پاليسي اهڙي ٺاهي وئي، جو انهن ۾ هڪ هٽي غير سنڌين جي ٿي وئي.
 سنڌ جي اسپتالن، ريلوي اسٽيشنن، روڊن، ڪاليجن، اسڪيمن، مارڪيٽن ۽ جاين تي سنڌ کان ٻاهر جي ماڻهن ۽ سنڌ دشمنن جا نالا رکي سنڌ جي روايت ۽ ڪلچر کي نقصان پهچايو ويو.
 اردوءَ کي قومي ٻولي بنائي سنڌين کي غير مساوي حالتن ۾ رکي ڪراچي ميونسپالٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌي زبان کي ختم ڪيو ويو.
 مغربي پاڪستان صوبو ٽي لک ڏهه هزار چورس ميلن تي مشتمل هئڻ ڪري انتظامي طرح هلائڻ مشڪل هو. ان ڪري اهل سنڌ سان بي انصافيون ٿيڻ لڳيون.
 سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي حفاظت لاءِ اُٿاريل هر ڳالهه کي علائقائي ذهنيت، ملڪ دشمني، انتشار پسندي ۽ اسلام دشمني سڏي انهن جي اظهار تي بندش لاڳو ڪئي وئي.
 سموري سرڪار مشينريءَ کي سنڌي، بلوچ ۽ پختون قومن جي جدا وجودن، ڪلچر ۽ زبان کي اسلام، پاڪستان ۽ مسلم قوم جي نالي ۾ ختم ڪيو ويو.
 سنڌ اندر اسٽيشنن، روڊن، پٿرن، نوٽن، دڪانن تي سائين بورڊن ۽ ووٽر لسٽن تي نالا اردوءَ ۾ لکي، هڪ طرف سنڌي زبان کي نقصان پهچايو ويو ته ٻئي طرف نالن کي ’کلڻ هاب‘ بنايو ويو.
 سنڌ ۾ کوليل ڪارخانن، ادارن، بئنڪن، دڪانن ۽ واپار جي منڊين لاءِ ٻاهران ماڻهو گهرائي، هڪ طرف سنڌين کي روزگار کان محروم ڪيو ويو ته ٻئي طرف سنڌين جي آباديءَ جو توازن تبديل ڪيو ويو.
 ون يونٽ سيڪريٽريٽ ۾ اڪثريت غير سنڌين جي رکي وئي. جيڪي سنڌي اتي رکيا ويا، انهن کي اهڙو تنگ ڪيو ويو، جو ڪي نوڪري ڇڏي آيا ۽ ڪي تڪليفن ۽ مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿي دانهون ڪندا رهيا.
مارشل لا لاڳو ٿيڻ ڪري ون يونٽ ٽٽي نه سگهيو. حڪمران طاقتور طبقن جي مفادن جي تحفظ لاءِ ون يونٽ کي برقرار رکڻو هو، جو ان جي ٽٽڻ سان نئون سياسي نظام ننڍن صوبن ۽ بنگال (مشرقي پاڪستان) جي تعاون سان وجود ۾ اچڻ سان حڪمران طبقي کي خطرو لاحق ٿي ويو. آخرڪار 15 سالن جي عرصي بعد جنرل يحييٰ خان قوم کي خطاب ڪندي ون يونٽ جي خاتمي جو اعلان ڪيو ۽ 1 جولاءِ 1970ع تي باقاعدي ون يونٽ توڙي پاڪستان جا صوبا بحال ڪيا ويا.
مجموعي طور ون يونٽ جي عرصي دوران سنڌ سان ناانصافيون ٿيون، صوبائي خودمختياري ختم ٿي، لکين ايڪڙ آباد زمينون فوجي آفيسرن ۾ ورهايون ويون، نوڪرين ۾ ٻه اکيائي ٿي، مختلف وقتن تي سنڌي اڳواڻن جي ايم سيد،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو ويو. الوحيد اخبار سميت سنڌي ڪتابن تي پابنديون مڙهيون ويون، سنڌ جا سرسبز ٻيلا ختم ڪيا ويا، تعلقي اوٻاوڙي جو علائقو ’ماڇڪو‘ پنجاب ۾ شامل ڪيو ويو، سنڌي ٻوليءَ خلاف سازشون ٿيون، احتجاج ڪندڙ شاگردن ۽ قومي ڪارڪنن تي تشدد ٿيو، ڌارين جي آبادڪاريءَ سميت انيڪ مسئلا سنڌ کي ڏسڻا پيا.
4 مارچ واقعو: سال 1967ع ۾ حيدرآباد ۾، ان وقت جي ڪمشنر،
مسرور حسن خان ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي تڏهوڪي وائيس چانسلر پروفيسر مرحوم حسن علي عبدالرحمان جي وچ ۾ وڏا اختلاف پيدا ٿيا، ڇو ته ڪمشنر، سنڌ يونيورسٽيءَ جي انتظامي ڪمن ۾ دخل ڏيڻ لڳو هو. پروفيسر حسن علي عبدالرحمان صاحب سندس انهيءَ رويي جي مخالفت ڪئي. ان جي نتيجي ۾ کيس نه صرف سنڌ يونيورسٽيءَ مان هٽايو ويو، پر کيس پوليس جي پهري هيٺ يونيورسٽيءَ کان پري، ٺٽي پهچائي ڪراچيءَ روانو ڪيو ويو. ڪمشنر جي طرفان اهڙيءَ طرح يونيورسٽيءَ جي انتظاميا جي ڪم ۾ دخل اندازيءَ، سنڌ ۾ هن هلچل کي وڌيڪ زور وٺايو. اهڙي عمل خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ ڄام شوري کان حيدرآباد ويندڙ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن سان، راجپوتانا اسپتال واري جڳهه وٽ، 4 مارچ 1967ع تي ڪمشنر مسرور حسن خان جي حڪم تي، سنڌ جي سڄاڻ شاگردن ۽ عام ماڻهن تي ٿيل تشدد عوام کي اڃا تائين هرگز نه وسريو آهي. اخبارن ۾ ان وقت جون ڇپيل رپورٽون پڙهڻ جي لائق آهن. هن واقعي ۾ ڪيترائي شاگرد زخمي ٿيا ۽ 307 شاگرد گرفتار ڪري جيلن ۾ وڌا ويا. هنن ۾ اهم هئا: يوسف لغاري، يوسف ٽالپر، مسعود نوراني، مجيب پيرزادو، مسعود پيرزادو، اشفاق ميمڻ، لياقت جتوئي، منور ميمڻ، مظفر حسين شيخ، آغا زاهد، رفيق صفي، شريف ميمڻ، آفتاب اسراڻ، ڄام ساقي ۽ ٻيا.
گرفتار شاگردن تي ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويو، جنهن ۾ شاگردن پاران رسول بخش پليجو، حفيظ قريشي (سينيئر) ۽ محمد ميمڻ وڪيل هئا. 4 مارچ جو ڏهاڙو جتي سنڌ اندر قومپرست تحريڪ جو بنياد ثابت ٿيو، اتي هن واقعي شاگردن ۾قومي جاڳرتا جو روح به ڦوڪيو.
هن واقعي کي ايوبي آمريت خلاف عوامي اُڀار ۽ مزاحمت جي علامت ۽ سنڌ جي حقن واري سياست جي سلسلي ۾ مُک موڙ (Turning Point) سمجهيو وڃي ٿو.
جنرل ايوب جي مارشل لا دوران سنڌ جي سياست، سياسي حقن ۽ اظهار جي آزاديءَ کي سلب ڪرڻ خلاف، جتي سنڌ جا اديب ۽ شاعر ثقافتي محاذ تي مزاحمت ڪري رهيا هئا، ته ٻئي طرف سنڌ جا قومي سياستدان مختلف محاذن تان جدوجهد ۾ مصروف هئا. نتيجي طور
جي ايم سيد، حيدربخش جتوئي، شيخ اياز، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ ٻين وطن دوست ماڻهن کي مختلف جيلن ۾ بند ڪيو ويو. ڪتابن تي پابندي لڳائڻ سميت ڇاپخانا ضبط ڪيا ويا، سنڌي فائنل امتحان کي ختم ڪيو ويو.
سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ۽ سنڌ لفظ لکڻ تي پابندي لڳائي، سنڌ کي سابق سنڌ لکڻ ۽ پڙهڻ جا جيڪي سرڪاري حڪمناما ڪڍيا ويا هئا، 4 مارچ جي واقعي پٺيان اهو ڊگهو سياسي پسمنظر هو. حيدرآباد ۾ راجپوتانه اسپتال لڳ ٿيل انهيءَ واقعي ۽ هن تحريڪ جا ٻيا به ڪجهه محرڪ هئا: ان وقت سڄي ملڪ وانگر سنڌ ۾ سياسي بيچيني انتها تي پهتل هئي.
ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇاپڻ لاءِ جدوجهد:
جولاءِ 1969ع ۾ جڏهن صدر يحييٰ خان اليڪشن جو اعلان ڪيو ته مغربي پاڪستان ۾ ووٽر لسٽون اردوءَ ۾ ۽ مشرقي پاڪستان ۾ بنگالي زبان ۾ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان تي سنڌ جو باشعور طبقو اُٿي کڙو ٿيو ۽ اخبارن ۾ سنڌ جو موقف ڇپيو ته، ”هن کان اڳ هن خطي ۾ ووٽر لسٽون سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن، مارشل لا بعد اردوءَ ۾ ڇپيل لسٽون ٻهراڙيءَ جي ووٽرن لاءِ سمجهڻ ڏکيون آهن. ڇاڪاڻ ته سنڌي زبان دفتري زبان جي حيثيت رکندڙ ۽ پنهنجا منفرد اکر ۽ اُچار رکندڙ ٻولي آهي، ڪيترائي اسم جهڙوڪ: ڌڱاڻو، ڳهڻو، اڱارو، ڄام، ٻهڊمو، ڏونگريو وغيره نج سنڌيءَ جا لفظ آهن، انهن لاءِ اردو سميت ڪنهن ٻوليءَ ۾ اکر ناهن. تنهنڪري مطالبو ڪجي ٿو ته سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ووٽر لسٽون ڇپايون وڃن“، پر اليڪشن ڪميشن بهانا ڪري اهي مطالبا ٺُڪرائي ڇڏيا، جنهن تي سنڌ جي ساڃهه وند طبقي شديد احتجاج ڪيو. ’سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن‘ جي صدر لالا قادر حڪومت کي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ نه ٺاهيون ويون ته هو مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال تي ويهندو. پر سندس ان چتاءَ کي حڪومتي عملدارن سنجيده نه سمجهيو ۽ معاملو ٽارڻ لاءِ اسسٽنٽ اليڪشن ڪمشنر ٺلهو اعلان ڪيو ته اردو لسٽن کي سنڌيءَ ۾ به ٺاهيو ويندو. لالا قادر پنهنجي قول تي قائم رهندي 7 نومبر 1969ع تي مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي. ان عمل تي شاگردن جا جلوس به نڪتا. ’جيئي سنڌ‘ جا نعرا به بلند ٿيا. شاگردن جا ٽولا روڊن رستن تان نعرا هڻندا سنڌ يونيورسٽيءَ جي پراڻي ڪئمپس وٽ گڏ ٿيا. ٻن ڏينهن کانپوءِ ٻيا شاگرد به لالا قادر سان گڏ بک هڙتال تي ويهڻ شروع ٿيا. پوءِ بک هڙتالن جو سلسلو سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به شروع ٿيو. لالا قادر ۽ ٻيا هوڏ تان نه لٿا، معاملو وڌي ويو ته کين گرفتار ڪيو ويو، جنهن بعد اُن خال کي ڀرڻ ۽ تحريڪ کي زنده رکڻ لاءِ سنڌ جي بهادر نياڻيءَ اختر بلوچ، تحريڪ کي سنڀاليو ۽ هوءَ ڊپٽي ڪمشنر جي بنگلي ٻاهرن 18 نومبر 1969ع تي پاڻ کي گرفتاريءَ لاءِ پيش ڪندي بک هڙتال تي ويٺي. سنڌ توڙي برصغير ۾ اهو پهريون واقعو هو، جو ڪنهن نياڻيءَ اهڙو بهادريءَ جو عمل ڪيو هجي. اختر بلوچ کي گهڻو ڊيڄاريو ۽ هيسايو ويو، پر هن ڪنهن جي پرواهه نه ڪئي، نيٺ رات جو دير سان بک هڙتالي ڪئمپ تي پوليس ڪڙو چاڙهي سمورن شاگردن کي گرفتار ڪيو ۽ اختر بلوچ تحريڪ جي پهرين قيدياڻي بڻجي وئي. ڪجهه وقت کانپوءِ ڪجهه ٻيون به نياڻيون بک هڙتال ۾ شامل ٿيون، جن مان رياضِ ميمڻ به هڪ هئي. ان تحريڪ پوءِ وڌيڪ زور ورتو، نيٺ حڪومت کي جهڪڻو پيو ۽ ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو.
پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ هلچل:
ورهاڱي کان اڳ انگريزن جي دور ۾ سنڌيءَ کي سرڪاري/ دفتري، عدالتي ۽ تعليمي ٻوليءَ واري حيثيت مليل هئي. پر پاڪستان ٺهڻ بعد ڪي عنصر اهڙا پيدا ٿيا، جن جي ڪري ان جي اها حيثيت قائم نه رهي، انهن منجهان ڪي هئا: هندستان کان ٿيل لڏپلاڻ جي نتيجي ۾، آباديءَ جي تناسب ۾ ڦيرڦار، ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز حوالي ڪرڻ، ون يونٽ جو قيام، شريف تعليمي ڪميشن ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي ذريعه تعليم ۽ مادري ٻوليءَ طور سنڌ مان خارج ڪرڻ وغيره. اهي اهڙيون ڳالهيون هيون، جن تي سنڌ جا ساڃاهه وند ماٺ ڪري ڪونه ويٺا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تحفظ لاءِ ون يونٽ دوران مزاحمت شروع ٿي. ون يونٽ جي قيام کانپوءِ سنڌ ۾ جيڪو ادب سرجيو ويو، تنهن ۾ پنهنجي ٻوليءَ، ثقافت، ماحول سان پيار جو اظهار ملي ٿو. سنڌ کي درپيش خطرن سنڌ جي گهڻ گهرن کي پاڻ ۾ متحد ۽ بيدار ڪيو. ناميارو اسڪالر ڊاڪٽر غلام علي الانا اُن دور کي ’سنڌيت‘ يا سنڌ جي جاڳرتا وارو دور چئي ٿو. ان دور ۾ سنڌ جي تاريخ، ثقافت جي اهميت سڀني سنڌين کي محسوس ٿيڻ لڳي. نوجوانن فلمي گيتن بجاءِ شيخ اياز، استاد بخاري، تنوير، شمشير، نياز همايونيءَ، امداد حسيني، سرويچ سجاولي، محمد خان مجيديءَ، مولوي احمد ملاح، ابراهيم منشي، عبدالحڪيم ارشد، راشد مورائي ۽ ٻين جديد شاعرن جي شاعريءَ کي پسند ڪرڻ لڳا. سنڌي فڪشن ۾ نوان موضوع آيا. سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا، مضمون ۽ ڪتاب شايع ٿيا. رومانوي داستانن مارئي، سسئي، نوري، سهڻي ۽ مومل وغيره نئين رنگ ڍنگ سان سنڌي زبان ۾ بيان ٿيڻ لڳا. ان عرصي ۾ سنڌي ٻوليءَ ترقيءَ جا سڀ مرحلا طئي ڪيا ۽ اها هاڻي شاهوڪار ۽ معياري زبان جي حيثيت ماڻي چڪي هئي. پر تنهن هوندي به ڌارين جي آبادڪاري ۽ سنڌ مخالف طاقتن سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي ڇيهو رسائڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪرڻ شروع ڪيا.
1956ع ڌاري سنڌي ٻوليءَ تي ’وار‘ شروع ٿيا. ان سال ڪراچي يونيورسٽيءَ جي انتظاميا طرفان سنڌي ٻوليءَ کي ’امتحاني ذريعي واري حيثيت‘ ۽ مادري ٻوليءَ طور پڙهائڻ واري حق کان به محروم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. اتي سنڌيءَ بدران اردوءَ کي اها حيثيت ڏني وئي ۽ چيو ويو ته ”سنڌي زبان اڃا ان لائق نه ٿي آهي، جو ان کي يونيورسٽيءَ جي امتحاني سوالن جا جواب لکڻ جو ڪامياب وسيلو قرار ڏنو وڃي!“
اهڙي موقف اچڻ بعد سنڌي شاگرد جيڪي ڪراچيءَ جي مختلف ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليجن کانسواءِ ٻين ڪاليجن ۾ پڙهندا هئا، تن 4 سيپٽمبر 1956ع تي هڪ عام ميڙ آڏو هڪ مدلل ۽ مضبوط موقف واري سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ قرارداد پاس ڪئي. اهڙيءَ طرح سنڌي شاگردن ان قرارداد تحت سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي حيثيت لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي. جيتوڻيڪ اردو ڳالهائيندڙ نوآباد عملدارن مان ڪن وسان نه گهٽايو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بيخ ڪني ڪرڻ شروع ڪئي، جن جا مثال هن ريت آهن، جيڪي ان وقت تعليمي ماهر ۽ اسڪالر
نبي بخش خان بلوچ بيان ڪيا هئا:
”- سنڌي اسڪولن کي سنڌي ماستر ڏيڻ ۾ دير ۽ ٽال مٽول ڪئي وئي ۽ اتي اردو ماستر مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
- ڪراچيءَ جي پسگردائيءَ ۾ سنڌي اسڪول کولڻ ۾ دير مدار ڪئي وئي.
- سنڌي اسڪولن جي ماسترن لاءِ ڪو به ٽريننگ ڪاليج مهيا نه ڪيو ويو. ٻئي طرف اردو ۽ گجراتي ماسترن لاءِ تربيت جا انتظام ڪيا ويا.
- مئٽرڪ ۽ ڪاليج سطح جي ڪورسن ۾ سنڌي پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ تڪليفون پيدا ڪيون ويون.
- ڪراچي ايراضيءَ جي ڪوتاهه بين ادارن ۽ ڪامورن اهڙا قدم کڻي اڻ سڌيءَ طرح سنڌين کي نه رڳو اردوءَ کان بدظن ڪيو، پر مرڪزي حڪومتي پاليسين کان به مايوس ڪيو. ان قسم جي غلط پاليسين جي وڏي پبلسٽي ’پاڪستان ريلوي نظام‘ وجود ۾ اچڻ بعد ٿي، جو ريلوي کاتي وارن سنڌ جي سڀني ريلوي اسٽيشنن جا نالا سنڌيءَ مان مٽائي اردوءَ ۾ لکايا. هن قدم ملڪ جي اندروني اتحاد کي ڪاري ضرب لڳائي خواهمخواهه سنڌ وارن جي نفسيات ۾ اردو ٻوليءَ توڙي مرڪزي پاليسيءَ خلاف هڪ ردعمل پيدا ڪيو.“
آڪٽوبر 1958ع واري مارشل لا کانپوءِ سنڌي زبان تي ٻيو وار ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ غير سنڌي شاگردن کي سنڌي زبان جو هڪ پيپر لازمي پڙهڻو پوندو هو، اهو اڳتي هلي حيدرآباد جي ڊپٽي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر (جنرل ٽِڪا خان) جي حڪم تحت ختم ڪيو ويو. انهيءَ حڪمنامي تي اعتراض ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي نامياري وائيس چانسلر علامه آءِ آءِ قاضيءَ پنهنجي منصب تان استعيفا ڏئي ڇڏي. ايوب خان جي ان وقت تعليمي ڪميشن جي رپورٽ موجب انهن شاگردن لاءِ به سنڌي سکيا ختم ڪئي وئي، جن جي مادري زبان سنڌي هئي. اهڙي عمل تي سڄيءَ سنڌ ۾ گوڙ شروع ٿيو، مزاحمت جي لهر پيدا ٿي، سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ ’سنڌي زبان سوسائٽي‘ ٺهي. حڪومت جي متعصب ڪامورن سنڌ ۾ استحصال شروع ڪيو. اهي بيداد سنڌي ادب جي تخليقي روپ ۾ مزاحمتي لکڻين ۽ شعرن جي صورت ۾ شايع ٿيا.
جنرل ايوب خان پوءِ ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ انهن مختلف مسئلن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ شروع ۾ ڌار ڌار ڪميشنون ۽ ڪميٽيون مقرر ڪيون. تعليم جي مسئلي لاءِ هن تڏهوڪي سيڪريٽري محمد شريف جي صدارت ۾ ’تعليمي ڪميشن‘ ٺاهي، جيڪا پوءِ ’شريف ڪميشن‘ نالي سان مشهور ٿي. ان ڪميشن جي رپورٽ جو متن ۽ حاصل مطلب پمفليٽ جي صورت ۾ سنڌ جي نامور تعليمي ماهر ۽ دانشور محمد ابراهيم جويي، سليم احمد جي نالي سان هن ريت لکي ڇپايو هو:
”1959ع واري قومي تعليمي ڪميشن جيڪا پنهنجي معروف رپورٽ تيار ڪئي، ان ۾ سواءِ ڪنهن رک رکاءِ جي، بنهه کُليو کلايو سفارش ڪئي وئي ته سنڌي ٻوليءَ کي آهستي آهستي اهڙيءَ طرح نيست ۽ ناڪام بنايو وڃي، جو اها ڍرڪي ڍرڪي وڃي رڳو پنجين پرائمريءَ تائين تعليمي ذريعو رهي ۽ پوءِ نوبت ايستائين پهچي جو ڳالهائڻ جي ٻولي پڻ اردو ٿي پوي ۽ اردو هن ايراضيءَ جي عام مقبول ٻولي بڻجي پئي.“
ان دور ۾ حڪومت جي انهن پاليسين خلاف مخالفت ۾ اچڻ ڪو معمولي ڪم نه هو، پر سنڌ جي گهڻگهرن سپوتن مقابلي جو محاذ ٺاهيو، سنڌي ادبي سنگت جي تڏهوڪي سيڪريٽري جنرل شمشير الحيدريءَ وڏي همت ڪري اديبن کي گڏ ڪيو. سنڌي اخبارن مهراڻ، عبرت،
هلال پاڪستان ۽ نواءِ سنڌ وغيره سنڌي ماڻهن جا مطالبا، ٺهراءَ، ايڊيٽوريل ۽ بيان وڏي ترجيح سان ڇاپيا. ادبي رسالن به پاڻ ملهايو.
ان کان سواءِ ضلعي سطح تي نڪرندڙ مختلف اخبارن به ڀرپور مواد ڇاپيو.
’سنڌي زبان سوسائٽيءَ‘ پنهنجي پهرئين ميڙ (حيدرآباد) ۾ جيڪو ٺهراءُ پاس ڪيو، ان کي سنڌ جي ادبي ۽ علمي حلقن ۾ پذيرائي ملي. اهو ٺهراءُ 1959ع جي سنڌي ادبي بورڊ جي مخزن مهراڻ ۾ هن ريت ڇپيو:
”حيدرآباد شهر جي عالمن، اديبن ۽ معزز شهرين جو هيءُ اجلاس، تعليمي ڪميشن جي قومي تعليم بنسبت ظاهر ڪيل سفارشن ۾، صفحي 290 تي آيل انهيءَ تجويز تي تشويش جو اظهار ٿو ڪري، جنهن مطابق اولهه پاڪستان صوبي جي، سنڌ ۽ سرحدي علائقن ۾، اڙدو زبان کي ابتدائي ٽئين درجي کان لازمي ڄاڻائيندي، حيدرآباد ۽ خيرپور ڊويزنن ۾ ڇهين درجي کان اڙدوءَ کي تعليم جو واحد ذريعو ٺهرايو ويو آهي.
- تعليمي ڪميشن جي انهيءَ اصول تي پوري غور ۽ خوص ڪرڻ بعد، هيءُ اجلاس محسوس ٿو ڪري ته سال 1962ع کان، سنڌ علائقي ۾ موجود رائج تعليم ذريعي، يعني سنڌي زبان کي اڙدوءَ ۾ بدلائڻ سان، سنڌي علم ادب، زبان ۽ ثقافت جي ترقيءَ جا دروازا هميشه لاءِ بند ٿي ويندا، ۽ هتي جي موجوده تعليمي ادارن جو وجود پڻ خطري ۾ پئجي ويندو، جنهن جو اثر پاڪستان جي اڌ ڪروڙ سنڌي ڳالهائيندڙن ۽ سندن ايندڙ نسلن تي بيحد برو پوندو.
- هيءُ اجلاس حڪومت پاڪستان کي زوردار گذارش ٿو ڪري ته سنڌي زبان، پاڪستان جي هڪ تمام قديم، ترقي يافته، شاهوڪار، تاريخي، علمي ۽ ادبي زبان آهي، جنهن کي پاڪستان جي هڪ اهم حصي جي مادري زبان جو شرف پڻ حاصل آهي، جيڪا گذريل ڏيڍ صديءَ کان سنڌ صوبي جي سڀني درسگاهن ۾، ذريعه تعليم رهندي آئي آهي، ۽ جيڪا پاڪستان جي هڪ وڏي علائقي جي معاشي ۽ معاشرتي، ذهني ۽ فڪري ترقيءَ جو ذريعو بنيل آهي، تنهن جي موجوده حيثيت کي نظرانداز ڪرڻ پاڪستان جي باشندن جي هڪ وڏي اڪثريت کي سندس ذهني پرورش جي حقيقي ذريعي کان محروم ڪرڻ جي برابر ٿيندو، ۽ اها ڳالهه سڌيءَ طرح ملڪ جي اجتماعي توڙي انفرادي، علمي توڙي ادبي، تعليمي توڙي تهذيبي ترقيءَ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي. تنهنڪري ضروري آهي ته سنڌي زبان کي صوبي سنڌ جي سڀني ماڊل ۽ سيڪنڊري هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ذريعه تعليم جي حيثيت سان بدستور بحال ۽ برقرار رکيو وڃي.“
سنڌي زبان سوسائٽيءَ، هڪ عرضداشت (memorandum) به مرتب ڪئي ۽ اها تڏهوڪي مرڪزي وزير ذوالفقار علي ڀُٽي جي معرفت، جنرل محمد ايوب خان کي پيش ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ مذڪوره سوسائٽيءَ جو هڪ وفد، ان دور جي مرڪزي وزير تعليم، حبيب الرحمان سان، حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي، سندس سئلون ۾ مليو. ان وفد ۾ هيٺيان ميمبر شامل هئا:
مرحوم مخدوم امير احمد، پرنسپال سنڌ اوريئنٽل ڪاليج ۽ صدر سنڌي زبان سوسائٽي، مرحوم محمد ميمڻ، وڪيل، مرحوم سيد سردار علي شاههذاڪرايڊيٽر روزانه مهراڻ ڪراچي، مرحوم مولانا غلام محمد ’گرامي‘، ايڊيٽر سماهي مهراڻ، مرحوم حفيظ قريشي وڪيل، خواجه غلام علي الانا (ان وقت ليڪچرر سنڌي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي)، سيڪريٽري سنڌي زبان سوسائٽي. ان وفد، وزير تعليم کي سنڌي زبان جي سڀني خوبين ۽ مسئلن کان واقف ڪيو.
ان وقت سنڌ جي سڀني اخبارن، رسالن، ادبي انجمنن، قومي اسيمبليءَ جي ميميبرن، سياسي، سماجي ۽ ملڪي رهنمائن، اديبن، شاعرن ۽ سماجي ڪارڪنن، سنڌي زبان جي خلاف کنيل قدم تي محاذ کڙو ڪيو. 1962ع ۾ ته هن تحريڪ ۾ وڌيڪ تيزي آئي. ’سنڌي زبان سوسائٽي‘ ۽ ’سنڌي ادبي سنگت‘ سنڌ هن تحريڪ ۾ زوردار حصو ورتو. ٻنهي ادارن طرفان سڄيءَ سنڌ ۾ ماڻهن کان صحيون وٺڻ جي مهم هلائي وئي. انهيءَ مهم جي مراد اها هئي ته اهي صحيون هڪ ’اسڪرول‘ جي شڪل ۾، صدر محمد ايوب خان جي خدمت ۾ پيش ڪري، ثابت ڪجي ته سنڌ جي عوام جو هر طبقو، هر نظرئي ۽ هر فڪر وارو سنڌي، سنڌي زبان جي بقا ۽ بجاءَ لاءِ تن، من ۽ ڌن جي بازي لڳائڻ لاءِ تيار آهي. سنڌي ادبي سنگت، سنڌ، 23 سيپٽمبر 1962ع تي پنهنجي هڪ ڪنوينشن ۾ زوردار ٺهراءَ پڻ بحال ڪيا. (اهو دستخط اسڪرول اڄ به سنڌالاجيءَ ۾ موجود آهي.)
1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي پروفيسرن ۽ آفيسرن خلاف پئمفليٽ نڪتا. ساڳئي وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد مان، سنڌي ٻوليءَ ۾ امتحانن جي جوابن ڏيڻ واري ذريعي کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ پوسٽر جاري ڪيا ويا. انهيءَ ڪري هڪ دفعو وري زبان واري ختم ڪيل مسئلي کي ڇيڙيو ويو. ان جي جواب ۾ مادري زبانن کي ذريعه تعليم بنائڻ جي حق ۾ به پوسٽر نڪتا. ان کان سواءِ ون يونٽ جي ڪري، سنڌ کي پهتل نقصانن جي باري ۾، يادداشتون ورهايون ويون.
مشرقي پاڪستان ۾ اڳئي بنگالي ٻوليءَ جي حق ۾ زبردست تحريڪ هلي چڪي هئي ۽ ڪي شهادتون به ٿيون هيون، جنهن جي نتيجي ۾ بنگاليءَ کي به اردوءَ سان گڏ قومي ٻوليءَ جو درجو ملي چڪو هو، پر سندن زخم نه ڀرجي سگهيا هئا.
1971ع جي چونڊن ۾ مشرقي پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ ۽ مغربي پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي پيپيلز پارٽي، وڏيءَ اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي، پر اقتدار جي منتقليءَ جي سلسلي ۾ ڏڦير پوڻ سبب مشرقي پاڪستان وارو حصو، جتي اڳئي علحدگيءَ جو ٻج پئجي چڪو هو، 21 ڊسمبر 1971ع تي، ’بنگلاديش‘ جي نالي سان، هڪ ڌار ۽ نئين مملڪت جي صورت ۾ وجود ۾ آيو.
مغربي پاڪستان وارو حصو، چئن صوبن تي مشتمل، پاڪستان جي نالي سان اڌ ملڪ رهجي ويو. هن حصي ۾ جيئن ته پيپلز پارٽي هر صوبي ۾ اڪثريت سان چونڊجي آئي هئي، انهيءَ ڪري ان وقت جي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر، جنرل آغا محمد يحيٰ خان، باقي بچيل پاڪستان جون واڳون (1971ع ۾) پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمئن ذوالفقار علي ڀُٽي جي حوالي ڪيون، جنهن ’سول مارشل لا ائڊمنسٽريٽر‘ ۽ ’صدر پاڪستان‘ جي حيثيت ۾ ملڪ جون واڳون سنڀاليون.
جناب ذوالفقار علي ڀٽي، حڪومت جون واڳون سنڀاليندي ئي ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي، پنهنجيءَ پهرينءَ تقرير ۾، پاڪستان جي عوام کي، خاص ڪري مزدورن، هارين، پورهيتن ۽ شآگردن جون دليون موهي ڇڏيون. ڀٽي صاحب، زرعي، صنعتي، تعليمي ۽ تجارتي سڌارن جو نه فقط اعلان ڪيو، پر هڪ هڪ نقطي لاءِ پنهنجي پروگرام جي وضاحت پڻ ڪئي. انهيءَ ڪري سڄي ملڪ ۾ هڪ هلچل مچي وئي. ڀُٽي صاحب، جتي ملڪ گير حيثيت وارن پروگرامن کي پنهنجي سامهون رکيو هو، اتي صوبائي، ضلعي ۽ ديهي سطح جي پروگرامن کي پڻ پنهنجي خطاب ۾ واضح ڪيو.
ذوالفقار علي ڀُٽي جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سنڌ جي ماڻهن، نئين حڪومت کان ون يونٽ ۽ ايوب خان واري مارشل لا جي زماني ۾، سنڌ، سنڌي ماڻهن، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ سان ٿيل زيادتين جي تلافيءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي اڳوڻي تعليمي، تدريسي، سرڪاري ۽ دفتري حيثيت بحال ڪرڻ جي گهر ڪئي. سنڌ جي ماڻهن گهرُ ڪئي ته:
 سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ ۾ تعليم جو ذريعو بنايو وڃي.
 سنڌي ڪتابن تان پيل بندش هٽائي وڃي.
 سنڌ جي آفيسن ۾، سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ۽ دفتري ٻوليءَ طور ٻيهر رائج ڪيو وڃي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي پاڪستنا جي هڪ قومي ٻولي بنايو وڃي.
 سنڌ ۾ ريلوي ٽڪيٽون سنڌيءَ ۾ جاري ڪيون وڃن.
 سنڌ جي ماڻهن کي سرڪاري نوڪرين ۾ سندن حق ڏنو وڃي.
 سنڌ جي براجن جون زمينون، سنڌي هارين کي ڏنيون وڃن.
سنڌ جي ماڻهن جي مطالبن جو احترام ڪندي، سنڌ پيپلز پارٽيءَ طرفان، 1972ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾، سنڌي ٻوليءَ جي دفتري ۽ تدريسي حيثيت بحال ڪرڻ لاءِ بل پيش ڪيو ويو، جيڪو 7 جولاءِ 1972ع واري اجلاس ۾ منظور ڪيو ويو. 15 جولاءِ 1972ع تي ذوالفقار علي ڀُٽي، قومي اسيمبليءَ کي خطاب ڪيو ۽ چيو ته: ..... سنڌي هڪ قديم زبان آهي، ۽ جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن
سر چارلس نيپيئر چيو هو ته، زبان سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي وڃي. جڏهن سنڌ بمبئيءَ سان شامل هئي، تڏهن بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ به سنڌي پڙهائي ويندي هئي، ۽ 1958ع تائين اها سرڪاري زبان هئي، جنهن کانپوءِ مارشل لا وارن، زباني حڪم جاري ڪري ان تي بندش وجهي ڇڏي هئي ... سنڌ اسيمبليءَ طرفان سنڌي ٻوليءَ واري منظور ڪيل بل تي عمل ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته مان نه ٿو چاهيان ته سنڌ جي عوام ۾ پاڪستان لاءِ نفرت پيدا ٿئي. اردوءَ کي ڪو به خطرو ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اها برصغير ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، پر سنڌيءَ لاءِ خطرو پيدا ڪيو ويو هو، ۽ اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي ماڻهن جا جذبات شديد ٿي ويا آهن. مان سنڌ جي عوام جي حقن کي غصب ڪرڻ نه ٿو چاهيان، ۽ نه ئي وري سندن زبان يا ثقافت کي تباهه ڪرڻ گهران ٿو....“
سنڌ اسيمبليءَ، 7 جولاءِ 1972ع تي اهو بل منظور ڪيو ۽ 17 جولاءِ 1972ع تي، سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جي سيڪريٽريءَ، جمال الدين ابڙي جي صحيءَ سان، مذڪوره بل جي منظور ٿيڻ جو ’پڌرنامو‘ (notification) جاري ٿيو.
هن بل جي منظور ٿيڻ کانپوءِ، اردودان طبقي سمجهيو ته هاڻ شايد سندن زبان (اردوءَ) کي ختم ڪيو ويندو ۽ اردوءَ جو سنڌ ۾ هاڻ ڪو وجود ئي نه رهندو، ۽ جيئن ون يونٽ جي زماني ۾، ڪٽر سياسي اڳواڻن سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ پئي چاهيو، تيئن هاڻ اردو زبان کي ختم پيو ڪيو وڃي، ۽ اردو هاڻ درس تدريس جي زبان به نه رهندي. انهيءَ بي اعتماديءَ جو نتيجو اهو نڪتو، جو ڪراچيءَ، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، نواب شاهه ۽ ٻين شهرن ۾، اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ، اعتراضي جلسا ۽ جلوس ڪڍيا. ايتري قدر جو روزانه جنگ اخبار ۾، رئيس امروهوي صاحب جو هڪ نظم، سڄي صفحي تي، وڏي سرخيءَ سان ڇپيو، جنهن جي مطلع جي پهرين مصرع، دراصل هڪ نعرو هو: ”اردو ڪا جنازه هي، ذرا ڌوم سي نڪلي!“
رئيس امروهويءَ جي انهيءَ نعري، سڄيءَ سنڌ ۾ باهه ڀڙڪائي ڇڏي. وڏن وڏن شهرن، خاص ڪري ڪراچيءَ، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر ۾ لساني جهڳڙا شروع ٿي ويا. سنڌين ۽ اردودانن ۾ نفرتن، لساني جهڳڙن جي صورت اختيار ڪئي. انهن نفرتن جو ازالو اڄ تائين ٿي نه سگهيو آهي.
سنڌ جا لساني جهڳڙا ايتري قدر ته زور وٺي ويا ۽ ڀُٽي صاحب تي دٻاءُ ايتري قدر ته وڌي ويو، جو ممتاز علي ڀُٽي جهڙو شخص، جنهن کي سنڌ اسيمبليءَ مان، سنڌي ٻوليءَ جي بل پاس ڪرائڻ تي، سنڌ جي ماڻهن ’ڏهيسر‘ جو خطاب ڏنو هو، سو به في الحال دهلجي ويو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، ممتاز ڀُٽي کي زباني طرح حڪم ڪيو ته هُو سنڌي ٻوليءَ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ مان منظور ڪيل بل تي عمل درآمد واري قدم کي في الحال ملتوي ڪري، ائين ممتاز علي ڀُٽي کي انهيءَ حڪم جي تعميل ڪرائڻي پئي.
پوءِ سنڌ مان سنڌي دان ۽ اردودان اڳواڻن تي مشتمل هڪ ڪميٽي جوڙي وئي. سنڌ جي سياستدانن ۽ اديبن مان جي ايم سيد، شيخ اياز ۽ قاضي فيض محمد کي اسلام آباد گهرايو ويو. جي ايم سيد اهو چئي وڃڻ کان انڪار ڪيو ته هڪ چونڊيل اسيمبليءَ جي فيصلي ۾ ترميم ڪرڻ جو حق ڪنهن به شخص يا اڻ چونڊيل ماڻهن يا ڪاميٽيءَ کي نه آهي، ان ڪري آءٌ احتجاج طور ان ڪاميٽيءَ ۾ شامل ٿي اسلام آباد اچڻ کان انڪار ٿو ڪريان ۽ پنهنجو احتجاج تاريخ اڳيان رڪارڊ ڪريان ٿو. جڏهن ته قاضي فيض محمد ۽ شيخ اياز، ڀُٽي صاحب جي سڏ تي اسلام آباد وڃي ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڀُٽي صاحب طرفان مقرر ڪيل ان ڪميٽيءَ کي اهو اختيار ڏنو ويو ته اُها سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي مطالبن کي سامهون رکي، تجويزون ڏئي. انهيءَ ڪميٽيءَ هيٺيون تجويزون، ذوالفقار علي ڀُٽي جي خدمت ۾ پيش ڪيون:
 سنڌ کي دو- لساني صوبو قرار ڏنو وڃي.
 سنڌي ۽ اردو ٻئي ٻوليون، مادري زبان طور ابتدائي ڪلاسن کان ۽ غير مادري زبان طور، مڊل کان ڪلاس ٻارهين ڪلاس تائين، ٻنهي ٻولين جي ڳالهائيندڙ شاگردن کي، لازمي مضمون جي حيثيت ۾ پڙهايون وڃن.
 ٻنهي ٻولين جي پڙهائڻ لاءِ ’اسڪيم آف اسٽڊيز’ جوڙي وڃي.
 سرڪاري ادارن ۾ نوڪريون ۽ خاص ڪري پيشه ور ادارن ۾ داخلائون، آباديءَ جي حساب سان بلديه ۽ ديهي آباديءَ جي تناسب سان ڏنيون وڃن.
 سرڪاري ادارن ۾ نوڪريون به ڪوٽا موجب ڏنيون وڃن.
 چٽاڀيٽيءَ جي امتحانن (PCS & CSS) ۾ ڪوٽا موجب نتيجا ڪڍيا وڃن.
 ٻارهن سالن تائين، غير سنڌي دان ڪامورن لاءِ، نوڪرين ۾ ڀرتي ٿيڻ کانپوءِ، سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪرڻ ملتوي ڪيو وڃي.
مطلب ته سنڌ اسيمبليءَ طرفان پاس ڪيل بل، وفاقي حڪومت جي غير جمهوري حڪم هيٺ واپس ورتو ويو، ۽ پاڪستان ۾ جمهوري عمل ۾، هيءَ پهرين دخل اندازي ڪئي وئي. سنڌ جي تڏهوڪي گورنر جناب مير رسول بخش خان ٽالپر جي صحيءَ سان وفاقي حڪومت جي مداخلت تي، حڪومت سنڌ طرفان هڪ آرڊيننس ڪڍيو ويو، جيڪو ڪراچيءَ مان، 22 جولاءِ 1972ع تي جاري ٿيو. انهيءَ آرڊيننس مان واضح آهي ته سنڌ جي صوبائي اسيمبليءَ جي پاس ڪيل قانون ۾، وفاقي حڪومت طرفان دست اندازي ڪئي وئي.
ان کانپوءِ آءِ جي آءِ (اسلامي جمهوري اتحاد) جو ٺهڻ، ڀُٽي صاحب کي لاهڻ، کيس هٿ ٺوڪيي الزام ۾ ڦاسي ڏيڻ جهڙا عمل تاريخ جو حصو آهن. سنڌ جي هن عظيم ليڊر سان اهڙو ڪِيس ڪرڻ وارو ڊڪٽيٽر ضياء الحق هو، جنهن جو دور پڻ سنڌ جي سياست ۾هڪ ڪاري دور طور تاريخ ۾ ياد رهندو. سنڌ جي مظلوم عوام جي آهه عرش کي لوڏي وڌو ۽ 17 آگسٽ 1988ع تي، جنرل ضياءَ ۽ سندس 35 ساٿي، بهاولپور واري هوائي حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿيا. انهيءَ حادثي کانپوءِ آئين موجب پاڪستان جي سينيٽ جي صدر، جناب غلام اسحاق خان، ملڪ جي صدر جون واڳون سنڀاليون. جنهن ساڳئي ئي سال 1988ع ۾، قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جون چونڊون ڪرايون، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، اڪثريت سان ڪامياب ٿي، جنهنڪري محترمه بينظير ڀٽو، وزيراعظم پاڪستان جي حيثيت ۾ قسم کنيو. مسلم دنيا ۾ محترمه بينظير ڀٽو، پهرين خاتون وزيراعظم ٿي هئي. سنڌ ۾ سيد قائم علي شاهه وزيراعليٰ مقرر ٿيو هو. پيپلز پارٽيءَ جي هن نئينءَ حڪومت کان، سنڌ جي ماڻهن، ٻين مطالبن سان گڏ سنڌي زبان جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ ’سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ‘ جي قائم ڪرڻ جي گهُر ڪئي. سيد قائم علي شاهه، سنڌ جي ماڻهن جي گهُر تي ’سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ‘ بدران ’سنڌي لئنگئيج بورڊ‘ ٺاهڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو. ان حڪمنامي موجب سراج الحق ميمڻ کي مذڪوره بورڊ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. سراج صاحب پنهنجي انهيءَ مقرريءَ کي، انهيءَ اعتراض تي ٺڪرائي ڇڏيو ته سنڌ سرڪار، ’سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ‘ بدران ’سنڌي لئنگئيج بورڊ‘ ٺاهي، سنڌي ٻوليءَ سان ٺٺولي ڪئي آهي، پر حڪومت طرفان اٿارٽيءَ جي قيام جو وري ڪو اعلان ڪونه ٿيو، اهڙيءَ طرح ٻن سالن يعني 1990ع تائين، سنڌ جي ماڻهن جي اها گهُر سردخاني ۾ ئي رهي.
بعد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقيءَ ۽ استعمال جي (ترميمي ائڪٽ) 1990 ذريعي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو بنياد وڌو ويو، جنهن کي چيئرمئن مقرر ڪيو ويو، جنهن 15 فبروري 1991ع کان چارج وٺي ڪم شروع ڪيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مقرر ٿيو. (وڌيڪ ڏسو: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، جلد ستون)
ويجهي ماضيءَ ۾ ’سنڌي ٻولي- قومي ٻوليءَ‘ واري مهم، سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ جي ٻين ادارن ۽ تنظيمن پئي هلائي آهي. ان ڏس ۾ سنڌ اسيمبليءَ توڙي قومي اسيمبليءَ ۾ سنڌيءَ سميت ٻين صوبائي ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ لاءِ بل پڻ پيش ٿيا آهن.
تاريخ 22 جنوري 2011ع تي سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ڪوششن سان محترم محمد ابراهيم جويي جي سربراهيءَ ۾ هڪ لئنگئيج ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ لاءِ لکپڙهه ڪرڻ ۽ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ بل جو ڊرافٽ ٺاهڻ جو ڪم ڏنو ويو. ڪميٽيءَ گڏجاڻيون ڪري اهڙو ڊرافٽ 20 فبروري 2011ع تي ٺاهي مڪمل ڪيو ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 21 فيبروري 2011ع تي مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن تي ’پاڪستان جون قومي ٻوليون‘ جي عنوان سان منعقد ٿيل سيمينار جي موقعي تي، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ لاءِ لئنگئيج ڪميٽيءَ طرفان سنڌ جي صوبائي ۽ قومي اسيمبلين ۾ پيش ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل بل جو ڊرافٽ ان وقت جي وزير ثقافت سسئي پليجو جي حوالي ڪيو، جنهن بعد ۾ اُن کي سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرايو ۽ قومي اسيمبليءَ ڏانهن پڻ اماڻيو، پر اتي اهو رد ڪيو ويو. ائين سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي حق ۽ حيثيت کان محروم رکيو ويو آهي.
2013ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي وفاقي حڪومت مسلم ليگ (نواز) کي ملي. هن حڪومت ۾ سنڌ مان محترمه مارئي ميمڻ کي قومي اسيمبليءَ ۾ انفارميشن، براڊڪاسٽنگ اينڊ نيشنل هيريٽيج واري اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرپرسن بڻايو ويو. هن انهيءَ حيثيت ۾ سنڌ ۾ ’سنڌي ٻولي قومي ٻولي‘ نالي هلندڙ تحريڪ جي نتيجي ۾ ٿيل گهُر کي سامهون رکي سمورن صوبن مان ٻولين سان لاڳاپيل ادارن، تنظيمن ۽ يونيورسٽين جي سربراهن کان اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ اڳيان پنهنجو پنهنجو موقف پيش ڪرڻ لاءِ لکت ۾ تجويزون گهرايون ۽
13 مارچ 2014ع تي انهن بابت زباني طور ڳالهائڻ لاءِ سندن نمائندن کي گهرايو. سنڌ مان سنڌي ادبي سنگت، شاهه لطيف يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پنهنجو مؤقف ڏياري موڪليو. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پنهنجي مؤقف ۾ وفاق جي چئن وحدتن جي ٻولين: سنڌي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچيءَ کي اردوءَ سان گڏ قومي ٻوليون قرار ڏيڻ جي تجويز پيش ڪري اهڙي گهُر ڪئي، جنهن سان محترمه مارئي ميمڻ متفق نه ٿي. ڇاڪاڻ جو هوءَ ملڪ جي سمورين مادري ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏيڻ جي حق ۾ هئي. اهڙيءَ ريت 13 مارچ 2014ع تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي مؤقف سان سهمت نه هئڻ ڪري ان جي نمائندي کي اسلام آباد اچڻ کان منع ڪيو ويو ته جيئن هوءَ پنهنجو موقف پيش نه ڪري. باقي ٻيا سمورا نمائندا، اسلام آباد ۾ وڃي پنهنجو پنهنجو مؤقف پيش ڪري آيا. مارئي ميمڻ صاحبه سڀني جي ڳالهه ٻڌي، پر پنهنجي مؤقف تي قائم رهي ۽ سندس طرفان ڏنل هڪ ئي وقت 13 ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏيڻ جو مؤقف اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ ۾ رد ٿي ويو. اهو مسئلو سياست جي ور چڙهيل آهي. ’سنڌي ٻولي قومي ٻولي‘ نالي سان تحريڪ هلندڙ آهي.
ايم. آر. ڊي تحريڪ (موومينٽ فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي (M.R.D): جنرل ضياءَ الحق جي طويل آمريت کان نجات حاصل ڪرڻ ۽ جمهوريت جي ٻيهر بحاليءَ لاءِ هيءَ تحريڪ حڪومت جي مخالف ڌر جي پارٽين گڏجي هلائي ته جيئن هو 1973ع جي آئين موجب غير جانبدار چونڊون ڪرائي. تحريڪ جو بنياد 6 جنوري 1981ع تي پيو. هن تحريڪ ۾ جيڪي 11 سياسي پارٽيون شامل هيون تن ۾: پاڪستان پيپلزپارٽي، جميعت علماءِ اسلام، نئشنل عوامي پارٽي، نئشنل ڊئمو ڪرئٽڪ پارٽي، پاڪستان ڊئموڪرئٽڪ پارٽي، عوامي تحريڪ، پاڪستان مزدور ڪسان پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ (خواجه خيرالدين گروپ)، پاڪستان نئشنل پارٽي، قومي محاذ آزادي ۽ تحريڪ استقلال شامل هيون.
تحريڪ جي معاهدي تي 9 اڳواڻن دستخط ڪئي، جن ۾
(1) بيگم نصرت ڀٽو (پ. پ)، (2) نوابزاده نصر الله (پي. ڊي. پي)،
(3) ميان محمد علي قصوري (تحريڪ استقلال)، (4) خواجه ضمير الدين (پاڪستان مسلم ليگ)، (5) سردار عبدالقيوم (مسلم ڪانفرنس)، (6) مولانا فضل الرحمان (جمعيت علماء اسلام)، (7) معراج محمد خان، (8) فتحياب خان (پاڪستان مزدور پارٽي) ۽ (9) شيرباز مزاري
(اين. ڊي. پي) شامل هئا.
ايم. آر. ڊي جي گڏيل معاهدي جو متن هن ريت هو: ”اسان صحي ڪندڙ جدا جدا سياسي وابستگين جي باوجود اهو محسوس ڪريون ٿا ته اسان جي گڏيل اخلاقي ذميواري ۽ قومي فرض آهي ته قوم کي مفادن، حالتن جي سنگينين بابت ڄاڻ ڏيون ۽ خبردار ڪريون. جنهن سبب ملڪي وفاق جي وجود کي خطرو لاحق آهي. اسان جو اهو پختو يقين آهي ته پاڪستان ۽ مارشل لا هڪ ئي وقت گڏ هلي نه ٿا سگهن. پهريان يحييٰ خان جي مارشل لا پاڪستان کي ٻه ٽڪرا ڪيو. اوڀر حصو اسان کان الڳ ٿي ويو. هاڻي ضياءُ الحق جي مارشل لا جي نتيجي ۾ هڪ دفعو ٻيهر وفاق پاڪستان جي وجود کي وڏو خطرو آهي. موجوده بحران ايتري قدر شديد ۽ سنگين آهي، جو ان کي صرف پوري ملڪ جي عوام جي حمايت ۽ ان جي ووٽ سان چونڊيل حڪومت جي قيادت ۾ گڏيل جدوجهد سان ئي حل ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ اسان مطالبو ٿا ڪريون ته ضياءالحق اقتدار تان دستبردار ٿئي ۽ فوري طور مارشل لا ختم ڪري. ٻيءَ صورت ۾ کيس عوام جي ناقابل شڪست ارادن ۽ همٿ ذريعي هٽايو ويندو. اسان مطالبو ٿا ڪريون ته ٽن مهينن اندر 1973ع جي متفقه آئين جي موجب قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي آزادانه ۽ انصاف ڀريون ۽ اڻ ڌريون چونڊون ڪرايون وڃن ۽ اقتدار جي چونڊيل نمائندن کي منتقل ڪيو وڃي. گڏوگڏ وفاق پاڪستان جي چئني صوبن جا حق بحال ڪري کين مڪمل تحفظ ڏنو وڃي.“
سنڌ، پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ تحريڪ کي فعال ڪري مظاهرا ۽ ميڙاڪا ٿيندا رهيا. فوجي حڪومت ان تحريڪ کي ناڪام ڪرڻ لاءِ وسان نه گهٽايو، ٻه سال جي ماٺار کانپوءِ 1983ع ڌاري سنڌ ۾ ٻيهر هن تحريڪ زور ورتو. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي ان وقت جي سنڌ جي صدر غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ سنڌي عوام روڊن تي نڪري آيو. مظاهرا ۽ هڙتالون ڪيائون، تنهنڪري ڪافي گرفتاريون به ٿيون. پ. پ جي ڪارڪنن ۽ سرڪاري ايجنسين جي وچ ۾ هنگاما ٿيا. تحريڪ وڏي پيماني تي هلي، پر جنرل ضياءُ الحق مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪيو.
1986ع ۾ ٻيهر ايم. آر. ڊي تحريڪ هلائي وئي. هن ڀيري تحريڪ استقلال ايم. آر. ڊيءَ کان جدا ٿي چڪي هئي. هن تحريڪ دوران سنڌ کي وڏو جاني نقصان رسيو. سوين سنڌي نوجوان، آمراڻي حڪومت هٿان شهيد ٿي ويا. هن تحريڪ ۾ خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ، دادوءَ، سڪرنڊ، موري، نوشهري فيروز، ڳوٺ طيب ٿهيم، ڳوٺ احمد خان برهماڻيءَ جا سوين سنڌي شهيد ٿيا، جن ۾ پ پ اڳواڻ خان چانڊيو'>پنهل خان چانڊيو به شامل هو، جنهن جي نالي پٺيان اڄ اهو ڳوٺ ’شهيدن جو ڳوٺ‘ سڏجي ٿو. هن تحريڪ دوران سوين ڪارڪن گرفتار پڻ ڪيا ويا.
1988ع جي عام چونڊن کان ٿورو اڳ هيءَ تحريڪ غير فعال ٿي وئي. هر پارٽي الڳ الڳ ٿي وئي. پيپلز پارٽي اڪيلي سر، وڏي پارٽي هئڻ جي ناتي چونڊن ۾ حصو ورتو، جڏهن ته ٻين پارٽين مسلم ليگ سان اتحاد ڪري ’اسلامي جمهوري اتحاد‘ (آءِ. جي. آءِ) جو بنياد رکيو.
ڪالاباغ ڊئم جي تعمير خلاف جدوجهد:
ڪالاباغ ڊئم منصوبي جو خيال سڀ کان اول ڊڪٽيٽر جنرل ايوب خان جي دور حڪومت ۾ سامهون آيو، پر جيئن ته جنرل ايوب خود سرحد (خيبر پختونخوا) صوبي جو هو، ان ڪري آمريڪا پاران ڊئم جي لاءِ سهڪار ڪرڻ باوجود جنرل ايوب ان منصوبي کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ زور نه ڏنو، ڇو ته ڪالاباغ ڊئم ٺهڻ سان پٺاڻن جي نوشهره ۽ ٻين زرعي ضلعن کي نقصان پئي پهتو، جنهنڪري ڪالاباغ ڊئم منصوبو ٿورو پاسي تي هليو ويو. 1960ع واري سنڌ طاس معاهدي کانپوءِ ٽي اڀرندي وارا درياهه: راوي، بياس ۽ ستلج، هندستان کي ڏنا ويا ۽ پاڪستان کي ٽي اولهندي وارا درياهه: سنڌو، جهلم ۽ چناب مليا، جيڪي ملڪ جي پاڻيءَ جي ضرورتن لاءِ ناڪافي هئا. ان ڪري پنجاب جون نظرون سنڌو درياهه جي پاڻيءَ ۾ هيون. 1970ع کانپوءِ وقت جي حڪومت چالاڪيءَ سان چشما جهلم لنڪ ڪئنال ٺهرائي ورتو، جنهنڪري جيئن ئي هماليه مان پاڻي سنڌوءَ ۾ داخل ٿيندو آهي ته پنجاب طرفان چشما جهلم لنڪ ڪئنال جا دروازا کولي پاڻي کنيو ويندو آهي. ان ڪري سارين جي فصل دوران سنڌ کي پاڻي وقت سر نه ملندو آهي ۽ پنجاب سارين جا ٻه بمپر فصل کڻي ويندو آهي. چشما جهلم لنڪ ڪئنال ٺهڻ کانپوءِ 1984ع ۾ هڪ ڀيرو وري ڪالاباغ ڊئم منصوبو ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن جي سڀ کان اول سنڌ جي قومپرستن مزاحمت ڪئي ۽ جي ايم سيد ان مسئلي کي ايترو حساس ورتو، جو هن پنهنجي ’جيئي سنڌ هلچل‘ سان گڏ ڪالاباغ ڊئم اشو جهڙي سنڌ دشمن منصوبن تي اثرائتي جدوجهد ڪرڻ لاءِ ’جيئي سنڌ ورڪنگ ڪميٽي‘ جوڙي، جنهن جي چيئرپرسن ڊاڪٽر حميده کهڙو
کي مقرر ڪيو ويو. ڪالاباغ مخالف تحريڪ زور وٺندي وئي، ان دوران ڪالاباغ ڊئم خلاف چوپڙيون ڇپرائي ورهايون ويون، سيمينار ڪيا ويا، ٻئي طرف رسول بخش پليجي ۽ سندس پارٽي ’عوامي تحريڪ‘ پاران ٻين قومپرستن سان گڏجي ان تحريڪ کي سگهارو ڪيو ويو. مطلب ته جنرل ضياءَ جي مارشل لا واري دور ۾ به ڪالاباغ ڊئم خلاف ڀرپور جدوجهد هلائي وئي. سنڌين جو موقف هو ته جيڪڏهن اهو ڪالا باغ ڊئم ٺهيو ته سنڌ جي زراعت ته تباهه ٿي ويندي پر سنڌين کي پيئڻ لاءِ پاڻي به نه ملندو، سنڌوءَ ۾ پاڻي نه ايندو ته جر سُڪي ويندا. ڊيلٽا جا علائقا کارا ٿي ويندا، تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويندا، جنهنڪري آبي جيوت پڻ ختم ٿي ويندي.
هڪ ڀيرو وري پاڪستان سرڪار ان معاملي کي جياريو ۽ 1989ع واري بجيٽ ۾ ڪالاباغ ڊئم جي اڏاوت لاءِ ٽي ارب رپيا رکيا، جنهن تي وري سنڌي ماڻهو ڪالاباغ ڊئم جي اڏاوت خلاف روڊن تي نڪري آيا، جنهن کانپوءِ مزاحمت هلندي رهي، سيد امداد محمد شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ ڪالاباغ ڊئم مخالف اتحاد جوڙيو ويو. جنهن ڀرپور مزاحمت ڪئي. 1998ع ۾ پنجاب جا رستا بند ڪرڻ لاءِ قومپرستن سان گڏ پيپلز پارٽيءَ وارن گڏجي، سنڌ ۽ پنجاب جي سرحد ويجهو ڪمون شهيد وٽ ڌرڻو هنيو هو ۽ بينظير ڀٽو پهريون ڀيرو قومپرستن سان گڏ اسٽيج تي ويٺي هئي.
ان کانپوءِ وري ڪالاباغ ڊئم کي پاسي تي رکي پنجاب کي گريٽرٿل ڪئنال ٺاهي ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو. گريٽر ٿل ڪئنال ذريعي به سنڌ جو پاڻي پنجاب کڻندو. ڪالاباغ ڊئم وانگر گريٽر ٿل ڪئنال به سنڌ دشمن منصوبو آهي. انهن سڀني منصوبن خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ، عوامي تحريڪ ۽ ٻين جماعتن مختلف وقتن تي لانگ مارچ
پڻ ڪيا.
ماهرن جي راءِ آهي ته ڪالاباغ ڊئم اهو منصوبو آهي، جيڪو سنڌ کي مڪمل طرح سُڪائيندو ۽ خيبرپختونخواهه کي ٻوڙيندو. اُهو ئي سبب آهي، جو هيءُ منصوبو هنن ٻنهي صوبن ۽ اتان جي عوام لاءِ زندگيءَ ۽ موت جو مسئلو آهي. گڏوگڏ بلوچستان جيئن ته گڊوءَ کان هيٺ سنڌوءَ مان پاڻي کڻي ٿو، تنهنڪري ڊئم جي صورت ۾ سنڌ سُڪڻ جي امڪانن سبب طئي آهي ته بلوچستان کي به جيڪو پاڻي 1991ع واري ٺاهه تحت ملي رهيو آهي، سو به ملڻ بند ٿي ويندو.
اهو ئي سبب آهي، جو سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه سان گڏوگڏ بلوچستان به هن منصوبي جو نه رڳو مخالف آهي پر ان کي اسيمبليءَ جي ذريعي رد به ڪري چڪو آهي. صرف پنجاب ئي ورهين کان وٺي ڪالاباغ ڊئم جي وڪالت ڪندو رهيو آهي، ۽ وقت بوقت اهڙو آواز اٿاريندو رهندو آهي، پر باقي ٽن صوبن طرفان شديد مخالفت سبب کيس ماٺ ٿيڻو پوندو آهي.
پاڻي ماهرن جي راءِ آهي ته جڏهن هن وفاقي ملڪ جا ٽي صوبا ۽ اهم سياسي جماعتون بشمول حڪمران جماعت ڪالاباغ ڊئم ۽ گريٽر ٿل ڪئنال منصوبن جي حق ۾ نه آهن، ته پوءِ اهي يقيناً نه ٺهڻ گهرجن.
وڌيڪ ڏسو : سنڌ جي تختگاهن جي تاريخ


هن صفحي کي شيئر ڪريو